داستان: جامع سنڌي لغات موجب ’داستان‘ لفظ جي معنيٰ آهي ’آکاڻي، قصو، ڳالهه، ڪٿا، حڪايت، افسانو وغيره.‘ داستان فارسي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ به ساڳي ڄاڻائي وئي آهي. داستان هڪ مرڪزي قصو ٿيندو آهي، جيڪو طويل هوندو آهي ۽ ان ۾ ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي ويندي آهي. يعني مرڪزي قصي کانسواءِ وچ وچ تي ٻيون به ننڍيون وڏيون آکاڻيون هونديون آهن، جيڪي زنجير جي ڪڙين وانگر هڪ ٻئي سان جڙيل هونديون آهن. داستان جو سمورو قصو تخيل جي پرواز جو نتيجو هوندو آهي، جنهن جو حقيقي زندگيءَ سان اڪثر واسطو نه هوندو آهي، پر ان ۾ مافوق الفطرت ڪردار ۽ غير قدرتي ڳالهيون بيان ڪيون وينديون آهن. ان جي باوجود قصي جو انساني زندگيءَ ۽ فطرت سان ڪو نه ڪو تعلق ضرور هوندو آهي. داستان ۾ زندگيءَ جي تصوير به هوندي آهي، پر ان جو تعلق حال سان گھٽ ۽ ماضي بعيد سان وڌيڪ هوندو آهي. داستان ۾ اهڙي دنيا ڏيکاريل هوندي آهي، جنهن ۾ مرڪزي ڪردار انسان هوندو آهي، جيڪو ڪڏهن پريشان ته ڪڏهن مشڪلاتن ۾مبتلا هوندو آهي ته ڪڏهن وري ڪاميابين ۽ ڪامرانين سان همڪنار ٿيندو آهي. داستان ۾ ڪردار نگاري نه هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ انساني ڪردارن کي غير معمولي گڻن وارا انسان ڪري ڏيکاريو ويندو آهي. انساني ڪردار سان گڏ، داستان ۾ مافوق الفطرت ڪردار به هوندا آهن، جھڙوڪ: ديو، پريون، جن، ڀوت، جادوگراڻيون وغيره. محققن جي راءِ آهي ته جڏهن کان انسان سمجهه لائق ٿيو آهي، تڏهن کان داستان يا قصي جو وجود پيو آهي، تنهنڪري داستان ۾ انسان جي ذهني ارتقا ۽ تهذيب جي ترقيءَ جون مختلف منزلون گڏ نظر اينديون آهن. سنڌ ۾ داستان، قصا ۽ آکاڻيون قديم زماني کان وٺي مروج آهن. البت ڪتابي صورت ۾ داستان انگريزن جي دؤر جا ڇپيل آهن، جن ۾ گھڻا اردو ۽ فارسي قصن ۽ داستانن جا ترجما آهن. اهڙي قسم جو پهريون ڇپيل قصو ’طوطي نامه سنڌي‘ آهي، جيڪو پهريون ڀيرو 1854ع ۾ ڇپيو. هي داستان حيدر بخش جي اردو طوطا ڪهاڻيءَ تان گل محمد ۽ حبيب الله ترجمو ڪيو هو. 1890ع ۾ ٻيو دلچسپ ’قصو گل بڪاولي‘ ڇپيو. هي قصو اصل فارسيءَ ۾ عزت الله بيگ جو لکيل هو، جنهن جو سنڌي ترجمو خان جلباڻيءَ ڪيو. 1892ع ۾ الف ليليٰ ۽ حاتم طائيءَ جا قصا به سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپيا. ان کانپوءِ ٻيا به ڪجهه داستان ڇپيا، جھڙوڪ: بهرام گور، قصو ڪٻر جو، قصو راڻي ڪوري جو، قصو ٺڳ جو، گڏ ڏهه قصا، انڌير نگري، سوداگر مينا، منو چهر شهزادي وغيره. 1902ع ۾ آخوند لطف الله جو لاثاني ۽ لافاني داستان ’گل خندان‘ ڇپيو. هي داستان اردوءَ جي مشهور قصن جي ڪتاب ’فسانهء عجائب‘ جي هڪ قصي جو آزاد ترجمو آهي. مترجم داستان جي انداز بيان ۾ ايڏي ته دلڪشي ۽ نواڻ پيدا ڪئي آهي، جو ’گل خندان‘ کي سنڌي ادب جو شاهڪار قصو تسليم ڪيو وڃي ٿو. اهڙي قسم جا داستان پوءِ به لکيا ويا، جن ۾ مير عبدالحسين سانگيءَ جو ’قصهء دلچسپ‘، ’قصه گل رنگ و گل اندام‘ (1904ع وغيره)، عربيءَ جو مشهور قصو ’امير حمزه‘ به اردوءَ تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو. ان کانسواءِ ’گل صنوبر‘، ’سيف الملوڪ‘ ۽ ’بديع الجمال‘ قصا به اردوءَ تان ترجمو ڪيا ويا، جيڪي اصل ۾ فارسي قصن تان ورتل هئا. ان کانسواءِ مشهور اديب ۽ شاعر محمد صديق مسافر جا قصا لکيل آهن، جن ۾ هن ’ممتاز دمساز‘ 1909ع ۾ لکيو، جيڪو اردو قصي تان ترجمو ٿيل هو، جيڪو وري اصل فارسي داستان مهربانو تان ورتل آهي. ان کانسواءِ مسافر جو لکيل داستان ’گلبدن‘ پڻ موجود آهي. طبعزاد داستانن ۾ فقير محمد عاجز جو ’گلشن بهار‘ قابل ذڪر آهي. ’سنڌي داستان‘ جي موضوع تي ڊاڪٽر قاضي خادم، سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي.