داسي ديوي

داسي ديوي: مشھور هندو شاعرہ داسي ديويءَ جو پورو نالو ڀڳواني ٻائي هو. هوءَ بنگل ديري، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي جي رهاڪو هئي. هن پنھنجي مڙس ديوان ڌيرج داس جي وفات کان پوءِ ادبي دنيا ۾ پير پاتو.
ڀڳواني، شعر ۾ ’داسي‘ تخلص ڪم آڻيندي هئي، جنهن لفظ جي معنيٰ ’ٻانهي‘ آهي. هن پنهجي مڙس جي وڇوڙي تي ڪيل شاعريءَ تي مشتمل پنهنجو هڪ ڪتابڙو ’ڌيرج ڀڄناولي‘ ڪرائون سائيز ۾ لاڙڪاڻي مان شايع ڪرايو هو، جنهن ۾ هن پنھنجي پتيءَ جي اوچتي وڇوڙي تي پنھنجي جذبن جو اظهار ڀرپور نموني ڪيو آهي.
ناليوارو اديب آغا صوفي درازي لکي ٿو ته، ”سنڌ جي ڪن مسلمان ۽ هندو عورتن جا شعر منهنجي نظر مان گذريا آهن، ڪن جو شعر اصلاح لاءِ مون وٽ ايندو رهي ٿو، پر منهنجي نظر ۾ سنڌ ۾ شاعرہ جو سچو لقب سڀ کان اول آخر داسي ديويءَ جي سر تي سونهندو تہ ان ۾ ڪو بہ شڪ نہ آهي. سندس شعر جي سلاست ۽ سه حرفيءَ مان قدرتي طبع جي رواني ثابت ٿي رهي آهي.“
ڀڳواني ٻائي ورهاڱي بعد پنهنجن عزيزن سان گڏ ڀارت هلي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو