
’داغ‘ دهلوي
’داغ‘ دهلوي: اردوءَ جو نامور شاعر نواب مرزا ابراهيم خان ’داغ‘ دهلوي، فيروزپور جهرڪا جي والي، نواب شمس الدين خان ۽ وزير بيگم جو پٽ هو. مرزا ابراهيم، چاندني چوڪ دهليءَ ۾ 24 مئي 1831ع تي جنم ورتو. سندس پيءُ کي مسٽر وليم فريزر، ريزيڊنٽ دهليءَ جي قتل جي الزام ۾ 1835ع ۾ ڦاسي آئي. هن جي پرورش سندس ماسيءَ عمده بيگم ڪئي، جيڪا نواب يوسف علي خان جي زال هئي. 1840ع ۾ مرزا ابراهيم پنھنجي ماسي عمده بيگم سان گڏ رامپور هليو ويو، جتي مولوي غياث الدين (مؤلف غياث اللغات) کان فارسي سکيو. 1844ع ۾ ’داغ‘ جي بيوه ماءُ سان بھادر شاھہ ظفر جي پٽ ۽ ولي عھد مرزا محمد سلطان فخر الملڪ شادي ڪئي. جنهن بعد نواب داغ پنھنجي ماءُ سان گڏ دهليءَ جي قلعي ۾ رهڻ لڳو ۽ اتي باقاعدي تعليم حاصل ڪيائين. اتي هن سيد محمد مير پنجه ڪش ۽ مرزا عادالله بيگ کان خطاطي پڻ سکي. شاعريءَ ۾ هن شيخ محمد ابراهيم ’ذوق‘ کي پنهنجو استاد ڪري ورتو. داغ دهلوي، مرزا محمد سلطان فخر الملڪ جي مرڻ کان پوءِ 16 جولاءِ 1856ع تي دهليءَ جي قلعي کي ڇڏي ڏنو. 1857ع ۾ آزاديءَ جي جنگ شروع ٿي. جنهنڪري ’داغ‘ پنھنجي ڪٽنب سان گڏ هڪ ڀيرو ٻيهر رامپور پهتو، جتي نواب يوسف علي خان وٽ وڃي رهيو. نواب يوسف علي خان کان پوءِ رامپور جو والي نواب قلب علي ٿيو، جيڪو ’داغ‘ جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو ۽ پاڻ سان گڏ حج تي بہ وٺي ويو. نواب قلب عليءَ جي مرڻ کان پوءِ ’داغ‘ 1886ع ۾ دهلي ڇڏي ٻہ سال لاهور ۾ اچي رهيو، جتان امرتسر، ڪشن ڪوٽ، آگري، عليڳڙھہ، مٿرا، جئپور ۽ ڪاٺياواڙ جو دورو ڪندي 1888ع ۾ حيدرآباد دکن پهتو، جتي راجا گرڌاري پرشاد معرفت نظام دکن سان ملاقات ڪيائين. ڪجهہ عرصو حيدرآباد دکن ۾ رهڻ بعد واپس دهليءَ هليو ويو، جتان 1891ع ۾ وري واپس حيدرآباد دکن پهتو ۽ مير محبوب علي خان ’نظام دکن‘ جو استاد مقرر ٿيو.
حيدرآباد دکن جي رياست طرفان کيس ’بلبل هندستان‘، ’جھان استاد‘، ’ناظم يار جنگ‘، ’دبير الدوله‘ ۽ ’فصيح الملڪ نواب مرزا خان داغ‘ جا خطاب ڏنا ويا. داغ دهلوي پنھنجي دستخط ۾ ’فصيح الملڪ داغ دهلوي‘ لکندو هو. داغ کي هڪ پٽ جو اولاد هو، جيڪو رامپور ۾ ئي مري ويو، جنهن کان پوءِ هن هڪ ڇوڪريءَ لاڏلي بيگم کي پنھنجي ڌيءُ ڪري پاليو. داغ دهلوي 9 ذوالحج 1322ھہ/ 15 فبروري 1905ع تي وفات ڪئي. کيس حيدرآباد دکن ۾ دفنايو ويو.
سـندس شـاعـريءَ جـي مجمـوعن ۾: (1) گلزار داغ، (2) آفتاب داغ، (3) مهتاب داغ، (4) يادگار داغ، (5) مثنوي ’فرياد داغ‘ ۽ (6) ديوان محاوراتِ داغ شامل آهن. داغ دهلويءَ جون شاعريءَ کان سواءِ نثر ۾ تنصنيفون: (1) انشاءِ داغ، (2) فرمان داغ ۽ (3) بزمِ داغ آهن.
1831.05.24 عيسوي
مرزا ابراهيم، چاندني چوڪ دهليءَ ۾ 24 مئي 1831ع تي جنم ورتو.
1856.07.16 عيسوي
داغ دهلوي، مرزا محمد سلطان فخر الملڪ جي مرڻ کان پوءِ 16 جولاءِ 1856ع تي دهليءَ جي قلعي کي ڇڏي ڏنو.
1905.02.15 عيسوي
داغ دهلوي 9 ذوالحج 1322هه/ 15 فبروري 1905ع تي وفات ڪئي. کيس حيدرآباد دکن ۾ دفنايو ويو.