دالا ڀان

دالا ڀان (ذات): دالا، ڀانن ۽ چارڻن جي هڪ پاڙي جو نالو آهي. دالا ڀانن لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو تہ: ”دالا، مشھور قبيلي ’ڀان‘ مان آهن، ’ڀان بہ اصل ’چارڻن‘ مان آهن. هن ذات وارن جي نالي سان شھر ’ڀان‘ تعلقي سيوهڻ ۾ موجود آهي. ’دالا ڀان‘ وارن جا ڪي پاڙا ’اسحاقاڻي‘ ۽ ’عاقلاڻي‘، ميرپورخاص ضلعي جي ڳوٺ فضل ڀنڀري ۾ رهن ٿا، جڏهن تہ ’هرٻا ڀان‘، ’موتيا ڀان‘ ۽ ’آمناڻي ڀان‘ (ضلعي بدين ۾)، هاشماڻي (ونگي ۾)، ’ليڏا ڀان‘ (مرحوم حاجي يوسف جو خاندان: ڳوٺ ساندي، تعلقي بدين ۾)، ’چـنـاڻـي ڀـان‘ (فضل ڀنڀري اسٽيشن لڳ)، ’چنيءَ پار ڀان‘ (ڪڇ جي شھر ڀُڄ ۾) رهن ٿا. ٻيا وري ’جکيا ڀان‘ سڏجن ٿا. ملتان جو ’گهـٽـو‘ نـالـي خـليـفـو ’جکيو ڀان‘ هو. جکيا ڀان، ڏان طور ملتان وارن مريدن کان پٽڪو وٺندا آهن.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو