
داليون

رانها/ چؤنرا
داليون: داليون، ٻجن وارا فصل آهن ۽ انسان جي اهم خوراڪ ۾ شمار ٿين ٿيون. دال، خوراڪ جي لحمياتي جزن جي نسبت سان اهم آهي. دال جي فصل جا مختلف قسم لڳ ڀڳ سڄيءَ دنيا ۾ پوکيا وڃن ٿا. خاص ڪري ڏکڻ ايشيا ۾ بہ دال جي فصل جي گهڻي پيداوار ٿئي ٿي. سنڌ ۾دالين جا فصل آمدنيءَ توڙي خوراڪ جي لحاظ کان پوکيا وڃن ٿا. طبي ماهرن موجب: هر ماڻهوءَ جي روزاني کاڌ خوراڪ ۾ 60 کان 70 گرام لحميات جي گهرج آهي، جنهن سان ماڻهوءَ جي جسماني واڌ ويجهہ ٿئي ٿي. دالين ۾ قدرتي طور 20 کان 28 سيڪڙي تائين لحمياتي جزا موجود آهن. جيتوڻيڪ لحميات (Proteins) ٻين کاڌن: گوشت، مڇي، بيضن وغيرہ مان بہ ملي ٿي، پر داليون سستي اگهہ ۾ لحمياتي جزن جو گهڻي قدر پورائو ڪن ٿيون.
داليون سنڌ ۾ کاڌ خوراڪ جي مختلف طريقن، جھڙوڪ: ڀاڄي، بيسڻ جي شين، پڪوڙن، ٽڪين، چڻن (ڇولن)، ڀُڳڙن، ڪبابن ۽ سُوپ ۾ استعمال ڪيون وينديون آهن. ان کان سواءِ ڪڪڙ جي گوشت يا مڇيءَ کي فرائي ڪرڻ لاءِ دال جو تھہ چاڙهي پچايو ويندو آهي.
دالين جي فصل مان انساني خوراڪ کان سواءِ زمين لاءِ سائي ڀاڻ، جانورن جي چاري، پرڏيهي ناڻي ۽ پاڻيءَ جي بچت جھڙا فائدا بہ ٿين ٿا. دال جو فصل ٻين فصلن جي ڀيٽ ۾ گهٽ عرصي ۾ تيار ٿئي ٿو. دالين جي لڳ ڀڳ سمورن قسمن جي پوک ٻن موسمن: ربيع ۽ خريف ۾ ڪئي ويندي آهي. ربيع ۾ چڻن، مٽرن ۽ مهريءَ جي دال ۽ خريف ۾ مانھہ، چؤنرن/ رانهن، موٺ، گوار ۽ ارهڙ جي پوک ڪئي ويندي آهي. هي فصل بہ ٻين زرعي فصلن وانگر جديد زرعي اوزارن ذريعي ڇٽ ۽ ڪاھہ رستي پوکيا، لڻيا، ڳاهيا ۽ صاف ڪيا ويندا آهن.
سنڌ ۾ دالين جي فصل کي سٺي آمدني ڏيندڙ فصل طور پوکيو ويندو آهي. دالين جا هيٺيان قسم آهن، جيڪي مختلف جنسن طور پنھنجي ڌار ڌار سڃاڻپ رکن ٿا:
رانها/ چؤنرا (Cow Peas): چؤنرا، دالين جو مکيہ فصل آهي، جيڪو اناج، ڀاڄي، سائي گاھہ ۽ زمين لاءِ سائي ڀاڻ طور ڪارائتو آهي. چونئرن جي ٻجن مان ڪوهر رڌبا آهن، جيڪي شهرن توڙي ٻھراڙيءَ ۾ شوق سان کاڌا وڃن ٿا. هي خريف جو فصل آهي. هن جي بهتر واڌ ويجهہ لاءِ گرم موسم ڪارگر آهي.
هن فصل جو اصل وطن هندستان ۽ پاڪستان آهي، جتان هيءُ فصل دنيا جي ٻين ملڪن: آفريڪا، چين، اتر ايشيا جي ملڪن ۽ يورپ وغيرہ ڏانهن پکڙيو آهي. چؤنرن جي پوک سنڌ جي هر علائقي ۾ ڪئي وڃي ٿي. خاص طور لٽاشي ۽ وچولي زمين هن فصل جي پوکائيءَ لاءِ ڪارائتي آهي. هيءُ فصل جلد پاڻي جذب ڪندڙ زمين ۾ سٺو ٿئي ٿو، ڪلر واري زمين ۾ نٿو اسري. چونئرن جي فصل بابت ميرپورخاص زرعي تحقيقي انسٽيٽيوٽ خاص ڪم ڪيو آهي ۽ مختلف جنسون متعارف ڪرايون آهن.
رانهن/ چونئرن جي سفارش ڪيل جنسن ۾ ميرپور خاص سليڪشن، فارم 71، سي. بي. اي. ڊي 71 شامل آهن. هن جي پوکائيءَ لاءِ گهريلو ٻج بہ پوکي سگهجي ٿو، جنهن لاءِ ضروري آهي تہ اهو ٻج سُري وغيرہ کان بچيل ۽ صحتمند هجي. چؤنرن جي پوک لاءِ 10 کان 12 ڪلوگرام ٻج في ايڪڙ جي حساب سان ڪم آڻبو آهي. هن فصل جي بهتر واڌويجهہ لاءِ ڏھہ ڪلوگرام نائٽروجن، ويھہ ڪلوگرام فاسفورس ۽ ڏيڍ ٻوري ڊي. اي. پي ۽ هڪ کان ٻہ ٻوريون سلفيٽ آف پوٽاشيم گڏائي ناليون ٺاهڻ يا ڪاھہ ڪرڻ وقت ٻج سان ڏيڻ گهرجن. ان کان سواءِ گل ٻاٽيءَ وقت ۽ فصل پچڻ واري مرحلي ۾ بہ ڀاڻ ڏنو وڃي ٿو. هن فصل لاءِ عام طرح ٽي پاڻي ڪافي هوندا آهن، پهريون پاڻي پوکائيءَ جي ٽن هفتن بعد ۽ ٻہ پاڻي 20 کان 25 ڏينهن جي وقفي بعد ڏنا ويندا آهن.
موٺ/ مهريءَ جي دال (Aconite-leaved Kidney Bean): موٺ يا مهريءَ جي دال کي اردوءَ ۾ دال موٺ(Phaseolus aconitifolius)، عربيءَ ۾ عرس، فارسيءَ ۾ تشڪ ۽ هنديءَ ۾ مسور چوندا آهن. هيءَ دال ڳاڙهي رنگ جي چپترن گول داڻن جي ٿيندي آهي ۽ اُن جا ٻہ قسم ٿيندا آهن. هيءَ دال پاڪستان ۽ هندستان ۾ پوکي وڃي ٿي. حڪيمن موجب مهريءَ جي دال کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي ان پاڻيءَ سان گرڙيون ڪرڻ سان وات جي بدبوءِ ختم ٿيندي آهي. هيءَ دال وات جي پچڻ، کنگهہ، سيني جي سور، تپ ۽ دستن لاءِ مفيد آهي. هن کي سرڪي ۾ رڌي لپري ڪري، خناق جي ڳوڙهن ۽ سخت سوڄ تي ٻڌڻ سان فائدو ٿيندو آهي. هيءَ دال دير سان هضم ٿئي ٿي. هن ۾ پاڻي 11.2 سيڪڙو، نائٽروجن وارو مادو 0.64 سيڪڙو ۽ لوڻياٺ 3.56 سيڪڙو موجود آهي.
اُڙد جي دال (Hairy- podded kidney Bean): اُڙد جي دال کي لاطينيءَ ۾ (Phasiolus max) چئبو آهي. هن دال جي ٻوٽي جو هر حصو سنهن وارن سان ڍڪيل ٿيندو آهي ۽ ڦريون بہ وارن سان ڀرپور هونديون آهن. هن دال جو فصل پاڪستان، هندستان ۽ سريلنڪا ۾ ٿيندو آهي. ستلج واديءَ، رامپور ۽ سنگنام ۾ هي ٻوٽو 6000 فوٽن جي اوچائيءَ تي بہ پوکيو وڃي ٿو.
مُڱن جي دال (Common Bean): مُڱن جي دال جو لاطيني نالو (Phaseolus Mungo) آهي. هن دال جي داڻي جو رنگ سائو ۽ ڪاراڻ مائل ٿيندو آهي. هن جو سواد ٻين دالن کان بهتر آهي. هن ۾ 9.20 سيڪڙو پاڻي، 24.70 سيڪڙو نائٽروجن ۽ 60.36 سيڪڙو نشاستو هوندو آهي. هن ۾ 1.48 سيڪڙو چرٻي ۽ لوڻياٺ 3.26 سيڪڙو موجود هوندي آهي. مڱ پاڪستان، هندستان ۽ سريلنڪا ۾ پوکيا وڃن ٿا. نيپال ۾ جبلن جي وادين ۾ مڱن جي پوک سٺي اُپت ڏئي ٿي.
مانھہ جي دال (Rayed- kidney Bean): مانھہ جي دال جو لاطيني نالو Phaseolus radiatus آهي. هن دال جو ٻوٽو هندستان، نيپال، سريلنڪا ۽ نيپال ۾ پوکيو وڃي ٿو. نيپال ۾ 5000 فوٽن جي اوچائيءَ تي هن کي ڪاميابيءَ سان پوکيو وڃي ٿو. هن کي هر طبقي جا ماڻهو شوق سان کائيندا آهن. مانھہ جي ٻج جي تور ماسي جيتري آهي. ان ڪري هن کي رتيءَ جي ٻج وانگر سونارا ماسي طور بہ توريندا آهن. مانھہ جون پاڙون، پن ۽ ڏانڊيون مال جي چاري طور استعمال ٿين ٿيون.
چڻن جي دال: چڻا ربيع جو فصل آهي. فـصل لـهـڻ کانپوءِ چـڻـن کـي ڏَري، اُن مان دال ٺاهيندا آهن. چڻن جي دال کاڌي ۾ عام واپرائي وڃي ٿي، جنهن ۾ پروٽين ۽ لحميات موجود آهي. (وڌيڪ ڏسو: ’چڻا‘، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون.)