دال چِڪنو

دال چِـڪنو: هي پـسـارڪـو وکـر آهـي، جيڪو ڪڻڪ رنگو ٿئي ٿو. سنکئي وانگر هن جي ڳوڙهن ۾ بہ سخت زهر آهي. جيئن تہ هي سنکئي ۽ پاري مان ٺاهبو آهي، ان ڪري دال چڪني کي خبرداريءَ سان ڪم آڻڻ گهرجي. حڪيم ۽ پساري دال چِڪني ٺاهڻ لاءِ مکڻ ۾ کرل ڪري مرهم ٺاهيندا آهن. اهو مرهم ناسور، بواسير، خراب ۽ پراڻن ڦٽن ۽ وڍيل گوشت لاءِ مفيد آهي. حڪيم هن کي مارِي ڪشتي ٺاهڻ لاءِ تولو کن دال چڪنو لوھہ جي ڪڙاهيءَ ۾ رکي، هلڪي باھہ تي هڪ پاءُ مال ڪنگڻيءَ جو تيل چوهاڪا ڏئي کڻائيندا آهن، پوءِ ميڻ ڦل ۾ ٽنگ ڪري، دالچڪنو ان ۾ وجهي، ٽُنگ کي بند ڪري مٿان ڪڻڪ جي ڳوهيل اٽي سان لپيٽي سُڪائي، پوءِ انهيءَ اٽي ۾ ويڙهيل ميڻ ڦل کي هڪ سير ڳائي کير ۾ جوش ڏيندا آهن، جڏهن کير ڪڙهي باقي اڌ پاءُ کن بچندو آهي، تڏهن ميڻ ڦل مان دال چڪنو ڪڍي، ابت ڪنڊڙيءَ جي اڌ پاءُ پنن جي گهوٽيل لبادي جي وچ ۾ رکي، خوب سڪائي، 5 ڪلو ڇيڻن جي باھہ ڏبي تہ ڦلي پوندو آهي. اهو ڪشتو ڪيترن مرضن جھڙوڪ: نزلي، دماغ جي رطوبت، ناسورن، ڦٽن ۽ قوت باھہ لاءِ مجرب آهي. خاص طرح باد فرنگ تي سٺو فائدو ڪري ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو