
دامنِ ڪوهه
دامنِ ڪوھہ: دامن ڪوھہ هڪ سياحتي ماڳ آهي، جيڪو پاڪستان جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ڀرسان مارگلا جبلن جي چوٽيءَ تي واقع آهي. هونئن تہ مارگلا جبلن ۾ سياحتي ماڳ گهڻي تعداد ۾ آهن ۽ اڪثر هنڌن تي ننڍا ننڍا ريسٽورينٽ قائم ڪري، هتي سياحن لاءِ سهوليتون ميسر ڪيون ويون آهن، پر ’دامن ڪوھہ‘ جي ماڳ کي انهن سمورن ماڳن تي فوقيت حاصل آهي. ’دامن ڪوھہ‘ اسلام آباد کي ويجهو آهي ۽ مارگلا جبل جي سونهن آهي. مارگلا جي مقبوليت جو سڀ کان وڏو سبب بہ دامن ڪوھہ آهي. جبل جي ڪناري تي واقع هيءُ تفريح گاھہ اهم حيثيت رکي ٿو. سياح هتي اچي لطف اندوز ٿين ٿا. دنيا جي هر ملڪ مان ايندڙ سياح سهڻن ڏيکن کي ڪئميرائن جي اک ۾ هميشہ لاءِ محفوظ ڪري وٺن ٿا. دامن ڪوھہ اوچائيءَ تي قائم آهي، اُتان اسلام آباد جو سڄو شهر، فيصل مسجد ۽ آسپاس جي مقامن جو نظارو ڪري سگهجي ٿو. هن تفريح گاھہ جي اوچائي 2000 فوٽ آهي ۽ اها اسلام آباد جي زيرو پوائنٽ کان ڏهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. مارگلا جبل 3000 ايڪڙن جي پکيڙ ۾ ڦهليل آهي، جن جو سلسلو بنگجانيءَ تي وڃي ختم ٿئي ٿو. هنن ٽڪرين کي هر قسم جي ڪمرشل ۽ رهائشي منصوبن کان ڌار ڪيو ويو آهي تہ جيئن انهن تي فقط تفريحي ماڳ، نيشنل پارڪ ۽ سھڻا پبلڪ هنڌ (Beautiful Public Points) ٺاهي سگهجن. اهڙين خوبصورت جاين مان ’دامن ڪوھہ‘ بہ هڪ آهي. هتان ور وڪڙ وارو روڊ اسلام آباد جي ’مـرغـزار‘ (چڙيا گهر) تان اوچائيءَ طرف وڃي ٿو. لاڳيتو مٿي ويندڙ هي رستو هڪ پاسي گهرين کاهين ۽ ٻئي طـرف سـاون گاهـن سـان اوڍيـل اوچـن جبـلـن تـي مشتمل آهي. هي رسـتـو خطرناڪ هئڻ جي باوجود ايترو تہ سھڻو آهي، جو دامن ڪوھہ جي پڇاڙيءَ واري حصي ۾ پهچڻ تائين سياح تفريح جو خاصو سامان کڻي ويندا آهن. هتي نانگن ۽ نوريئڙن کانسواءِ باندر، سوئر، هرڻ، جهنگلي ٻلا ملن ٿا. هتي سيڙھہ ۽ سھڻا پکي بہ جام آهن، جن ۾ ڪاليگ مرغ (Kaaleg) بہ شامل آهي، جيڪو تمام سھڻو ٿيندو آهي. ان کانسواءِ هتي هڪ ناياب پکي ’فازاٽ‘ بہ ملي ٿو، جنهن جو آواز تمام مٺو آهي ۽ گهڻو ڪري ديال جي وڻن ۾ آکيرو ٺاهي رهندو آهي. هي پکي دامن ڪوھہ ۾ تمام گهڻو ملي ٿو. هي علائقو هاڻي مڪمل طور آباد ٿي چڪو آهي ۽ اسلام آباد جي رهاڪن ۽ سياحن لاءِ سڀ کان مقبول پڪنڪ جو هنڌ بڻجي چڪو آهي، جبل جي چوٽيءَ تي ڪافي اڏاوتي ڪم ٿيو آهي. هتي هڪ ريسٽ هائوس، هوٽلون ۽ سنيڪ بارون بہ موجود آهن. هتي ننڍڙن ٻارڙن جي راند روند لاءِ ڪيتريون خاص جايون ٺاهيون ويون آهن.