دامن درياھہ

دامن درياھہ: هي آڳاٽي وقت ۾ سنڌوءَ مان نڪرندڙ قديم وهڪرو هو، جيڪو بھاولپور وٽان سنڌوءَ مان نڪري، تعلقي اوٻاوڙي جي ريتي ريلوي اسٽيشن ڀرسان قديم شھر وڄڻوٽ (جيڪو هن وقت کنڊر جي حالت ۾ آهي) وٽان گذري، اڳتي هلي ’واهند‘ درياھہ ۾ داخل ٿيندو هو، ۽ اتان ٻنهي جو گڏيل وهڪرو اڳتي وهي عمرڪوٽ جي الهندي پاسي کان گذري ’ڪوري نار‘ ۾ داخل ٿيندو هو. ڪتاب ’دي ائنٽي ڪوئٽيز آف سنڌ‘ ۾ ريورٽي جي ڪتاب ’مهراڻ آف سنڌ‘ جي حوالي سان لکيو ويو آهي ته، ”موجودہ سنڌو درياھہ مان هڪڙي شاخ نڪرندي هئي، جيڪا تعلقي اوٻاوڙي جي قديم شھر وڄڻوٽ وٽان گذري عمرڪوٽ کان اڳتي وهندي هئي.“ هن وهڪري جي ذريعي ئي سنڌو ۽ واهند درياھہ پاڻ ۾ مليل هئا. دامن درياھہ جي بند ٿيڻ بعد جيڪا ننڍي شاخ بچي اها سيهڙ شاخ جي نالي سان سڏجي ٿي، جيڪا تعلقي اوٻاوڙي ۾ ريتي ريلوي اسٽيشن ڀرسان موجود آهي.


لفظ دامن درياھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو