دام سان شڪار

دام سان شڪار: هيءُ شڪار جو هڪ قسم آهي، جنهن سان جهنگلي تتر شڪار ڪبا آهن. هن قسم جي شڪار ۾ شڪاري پهرين بانس جي ڪاٺين مان سنهيون سنهيون پٽيون ٺاهيندا آهن، پوءِ ٻہ ٿلهيون ڪاٺيون هيٺ مٿي کوڙي، انهن جي وچ ۾ اهي سنهيون چيراٽيون ٻڌي، انهن کي ويڪر ۾ ڇاڙڪي ۽ ڊيگهہ ۾ ڇھن ستن فوٽن جيترو ٺاهيندا آهن. انهن چيراٽين جي وچ ۾ مضبوط سنها ڌاڳا يا وڏا وارَ ڦاهيءَ وانگر ٺاهي لڙڪائي ڇڏيندا آهن، پوءِ هڪ پاسي ڌاريل تتر رکندا آهن ۽ ٻئي پاسي شڪاري لڪي ويهندو آهي. شڪاري سينڍ وڄائيندو آهي، ان سينڍ تي ڌاريل تتر ٻوليندو آهي. ڌاريل تتر جي ٻوليءَ تي جهنگلي تتر اچي گڏ ٿيندا آهن. تترن جي عادت آهي تہ جيڪڏهن کين ڊپ نہ هوندو آهي تہ پوءِ تمام آهستي هلندا ايندا آهن، جڏهن تتر انهن گهٽين مان لنگهندا آهن تہ سندن ڳچيون ڳراهين ۾ ڦاسي پونديون آهن ۽ پوءِ شڪاري انهن تترن کي ڦاهين مان ڇڏائي کڻندو آهي.


لفظ دام سان شڪارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو