دانتي

دانتي

دانتي

دانتي (Dante): اٽالين يا اطالوي زبان جي مشھور شاعر، نثر نويس، اديب، فلسفي ۽ سياسي مفڪر، دانتي دگلي ايلغيئريءَ جو جنم اٽليءَ جي شھر فلورينس ۾، 15 مئي 1265ع ڌاري ٿيو. ننڍپڻ ۾ ئي سندس ماءُ گذاري وئي ۽ سندس پيءُ ٻي شادي ڪئي هئي. ماٽيجي ماءُ جي سلوڪ سندس ذهن تي خراب اثر ڇڏيا. جڏهن سندس عمر پندرهن سالن تي پهتي تہ سندس پيءُ بہ مري ويو. کيس ننڍپڻ کان ئي فن ۽ ادب سان گهري دلچسپي هئي. ان لاءِ گهڻو وقت گهر ۾ مطالعو ۽ شاعري ڪندو هو. 18 سالن جي عمر ۾ کيس شاعر جي حيثيت سان شھرت ملي. هن پنھنجي مشھور تصنيف ’طربيھ خداوندي‘ (The Divine Comdey) نالي مروج سرڪاري ٻولي لاطينيءَ ۾ لکڻ بجاءِ اطالويءَ ۾ لکيو. شاعريءَ ۾ سندس رهبري وقت جي وڏي اطالوي شاعر ’گوئيڊو ڪوال ڪانٽي‘ ڪئي. گوئيڊو جي چوڻ تي هن پنهنجون لکڻيون اطالويءَ ۾ لکيون. اطالوي زبان ۾ لکڻ لاءِ هن جواز پيش ڪيو تہ: ”هيءَ هتان جي مادري ٻولي آهي، جنهن ۾ ننڍا وڏا پوڙها پڪا سمجهڻ ۽ پڙهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، جڏهن تہ لاطيني زبان سندن مادري زبان نہ آهي. اسان جي خواهش آهي تہ ديسي زبان جي خدمت ڪريون.“
ٽي. ايس. ايليٽ کيس نئين سجاڳي يعني ’نشاة الثانيه‘ (Renaissance) جو نمائندو شاعر ڪري ڪوٺيو آهي. ’نشاة الثانيه‘ اهو دؤر آهي، جنهن دؤر ۾ دنيا ۾ قوميت جو تصور تيزيءَ سان اُڀريو ۽ پکڙيو. هر ماڻهوءَ کي پنھنجي زبان ۽ ثقافت تي ناز ٿيڻ لڳو. ديسي ٻوليون ’قومي ٻوليون‘ ٿي اُڀرڻ لڳيون. دانتي بہ انهيءَ دؤر جي نمائندگي ڪندي، پنهنجون تصنيفون اطالوي زبان ۾ لکڻ شروع ڪيون. دانتي کي عالمي سطح تي اطالوي ٻوليءَ جي عظيم شاعر جي حيثيت حاصل آهي.
اٽليءَ جي ادب ۾ دانتي، پيٽرارچ (Petrarch) ۽ بوڪاشيو (Boccacio) کي ٽمورتيءَ جو درجو حاصل آهي.
دانتي جي علمي سفر بابت مستند راءِ نہ ملي سگهي آهي، پر هڪ اندازي موجب هن ابتدائي تعليم جي شروعات پنھنجي گهر کان ڪئي، جنهن بعد فلورينس ۾ قائم گرجا گهر سان لڳو لڳ چيپٽر اسڪول مان تعليم حاصل ڪرڻ لڳو. کيس اٽالين ڪلاسيڪي ٻوليءَ جي تسڪاني شاعريءَ بابت تمام گهڻي ڄاڻ هئي. جڏهن سيسلي (Sicily) مان هڪ ادبي ۽ ثقافتي گروھہ تسڪينيءَ (Tuscany) ۾ پنھنجي سيسيلين اسڪول (Sicilian School) جو بنياد وڌو تہ دانتي جو رجحان ڪلاسيڪي ادب طرف وڌڻ لڳو ۽ هن وسيع مطالعي ۽ تحقيق جي آڌار تي ڏکڻ اوڀر فرانس جي اڳوڻي پراونس ٻوليءَ ۾ اُسريل شاعري ۽ پراڻي دؤر جي ڪلاسيڪي ۽ عظيم شاعر ٽروباڊورس (Troubadours) ۽ لاطيني ليکڪن: سسيرو (Cicero)، اووِڊ (Ovid) ۽ ورِجل (Virgil) جي ناياب لکڻين کي سامهون آندو. هن نہ صرف انهن پراڻين لکڻين کي عوام ۾ متعارف ڪرايو، بلڪ اساسي شاعريءَ مان مدي خارج روايتن کي خارج ڪري، انهن جي طرز ۾ جديديت ۽ نواڻ آڻي، ڪي نيون تخليقون بہ سرجيون، جن کي هن اطالوي وليءَ ۾ Sweet Dolce Stil Nove New Style جو نالو ڏنو.
دانتي، پنھنجي همعصر شاعرن ۽ ليکڪن سان گڏجي جدت آميز لکڻين جو آغاز ڪيو ۽ پيار جي انيڪ موضوعن ۽ فڪر جو بنياد رکيو. سندس شاعريءَ توڙي لکڻين ۾ محبت جو تمام گهڻو اثر ملي ٿو. هن بيٽرائيس پورٽيناريءَ سان نون سالن جي ڄمار کان وٺي محبت ڪئي هئي، پر ساڻس شادي نہ ڪري سگهيو. هن پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيترين جاين تي بيٽرائس جو بيان پنھنجي شاعريءَ ۽ جيئڻ جي مقصد طور ڪيو آهي. هن جو شاعريءَ سان لاڳاپو آخري وقت تائين قائم رهيو. سندس شاعريءَ جو هڪ رخ وطن جي محبت تي مشتمل آهي.
دانتي هڪ بھترين شاعر، نثر نويس ۽ فلاسافر سان گڏ سٺو سياستدان بہ هو. هن مختلف جنگين ۾ حصو پڻ ورتو؛ جن مان هڪ 11 جون 1289ع ۾ ڪمپلڊينو (Campaldino) جي مَقام تي فلورينٽائين گيلفز (Florentine Guelphs) ۽ ايريزو گبلينيس (Arezzo Ghibellines) جي وچ ۾ ٿي هئي ۽ ٻي جنگ 1294ع ۾ چارلس مارٽل جي ٿي، جنهن دوران هي فلورينس ۾ رهيو.
نومبر 1301ع ۾ چارلس ويلوئس، پنھنجي فوج سان گڏ فلورينس ۾ وڏي پئماني تي تباهي مچائي. ان دوران وڏي انگ ۾ سياسي قيدي بنايا ويا. دانتي بہ انهن قيدين ۾ شامل هو، کيس بعد ۾ حڪومتي فيصلي هيٺ ڏنڊ وجهي، ملڪ نيڪالي ڏني وئي هئي.
دانتي جي ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان اچي وڃن ٿا:
(1) Hell, (2) Purgatory, (3) Paradise, (4) Lavita Nuova.
اهي ڪتاب انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ڇپيا ۽ تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪيائون.
هـڪ طـرف دانتـي پنهـنجـي سـادي سُـودي غـيـر ترقـي يـافتـه ٻولـيءَ (اطالويءَ) ۾ لکڻ جي شروعات ڪري، ان کي اعليٰ ادبي ٻوليءَ جو درجو ڏياريو تہ ٻئي طرف وقت جي ادبي ٺيڪيدارن ۽ حڪمرانن طرفان مڙهيل لاطيني ٻوليءَ ۾ لکڻ کان انڪار ڪرڻ سبب هو يورپ ۾ مادري ٻولين ۾ لکڻ جو رواج وجهندڙ ليکڪ سمجهيو وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي تہ ڪيترا سنڌي ليکڪ پنھنجي مادري ٻوليءَ کي اهميت ڏيڻ جي حوالي سان جتي شاھہ لطيف جو حوالو ڏيندا آهن، اتي دانتي جو حوالو پڻ ڏنو ويندو آهي.
اطالوي زبان جي هن عظيم شاعر ۽ ليکڪ، 13 يا 14 سيپٽمبر 1321ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ دانتيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1265.05.12  عيسوي

ٽالين يا اطالوي زبان جي مشهور شاعر، نثر نويس، اديب، فلسفي ۽ سياسي مفڪر، دانتي دگلي ايلغيئريءَ جو جنم اٽليءَ جي شهر فلورينس ۾، 15 مئي 1265ع ڌاري ٿيو.


1321.09.14  عيسوي

اطالوي زبان جي هن عظيم شاعر ۽ ليکڪ، 13 يا 14 سيپٽمبر 1321ع ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سندر مجرم
اٻوجهو الھہ بخش
ٺٽوي امام بخش شاھہ فدوي
خطائي ٿيٻو
داسي ديوي
فيض احمد فيض
ديدڙ شاھہ محمد
حاجي محمد پريل مگسي
صهبا لکنوي
صادق علي ڪنڀر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون