
دانگي
دانگي: ماني پچائڻ لاءِ ٺڪر جي ٿاڦيءَ وانگر ٺهيل ٿانو کي دانگي چئبو آهي. دانگي ٺڪر جي ٻين گهريلو ٿانون: دِلن، منگهن، گلاسن، پاٽوڙن وغيرہ وانگر، ڪُنڀر مٽيءَ مان ٺاهي، آويءَ ۾ پچائي، تيار ڪندا آهن. دانگيءَ تي پڪل ماني ڏاڍي لذت واري ٿئي ٿي. ٻهراڙين ۾ خاص ڪري ڪوهستان ۽ ٿر ۾ اڄ بہ ڪٿي ڪٿي دانگيءَ جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. ’دانگي مَلڻ‘ سنڌيءَ جو هڪ اصطلاح پڻ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڪنهن کي بي عزت ڪرڻ، سندس منهن ڪارو ڪرڻ. ان کان سواءِ سنڌيءَ ۾ هڪ ٻي بہ چوڻي مشھور آهي ته، ”رت دانگيءَ تي بہ ورندو آهي.“