دايا 1

دايا 1: ٽالپرن جي حڪومت ۾ ميرن جي خدمت چاڪري ڪندڙن کي ’دايا‘ ڪري سڏيو ويندو هو. ميرن جي اهڙي عملي ۾ ٻلهاڻي، خاصخيلي، شيدي، شيخ ۽ ڪجهہ ٻين ذاتين جا ماڻهو بہ شامل هئا. ’دايا‘ اڄڪلھہ ذات پڻ شمار ٿئي ٿي. پروفيسر عبدالله دايو، سنڌ يونيورسٽي ٽيچرس ائسوسيئيشن ڄام شوري جو اهم عهديدار رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو