
دايو، غمدل فقير
دايو، غمدل فقير: سنڌ جي ناليواري صوفي شاعر ۽ بزرگ غمدل فقير جو اصل نالو عبدالخالق ولد پير بخش دايو هو. هن 14 مئي 1867ع تي ڳوٺ ڪچا چاچڙ لڳ پني عاقل ۾ جنم ورتو. سندس والد پير بخش دايو انگريزن جي دور ۾ پوليس جو بااختيار عملدار هو. ڪن محققن موجب غمدل فقير جو شجرو موليٰ علي عليہ السلام جي وفادار غلام حضرت قنبر رضي ﷲ عنھ ۽ بيبي سانئڻ فضه سان وڃي ملي ٿو. غمدل فقير نصابي ۽ ڪتابي علم موجب فقط 3 درجا پڙهيل هو، پر هي بزرگ لدني علم سان مالامال هو. هن جڏهن جوانيءَ طرف وکون وڌايون، تڏهن سندس روح صوفي بزرگن ۽ درويشن جي ڪچهرين ۾ ريجهندو هو. هونئن تہ گهڻن درويشن ۽ سالڪن جي صحبت ۾ رهيو، پر صوفي وريل فقير ابڙي ۽ سيد قلندر شاھہ جيلانيءَ سان سندس ڪافي عقيدت ۽ ويجهڙائيءَ وارو رستو رهيو. بعد ۾ سيد قلندر شاھہ جيلاني سندس روحاني رهبر ۽ مرشد پڻ ثابت ٿيو، جنهن مٿس عبدالخالق مان ’غمدل فقير‘ طريقت جو نانءُ رکيو. غمدل فقير تصوف جي شاعريءَ جو برجستو نالو ۽ حوالو آهي. سندس شاعري سنڌي، اردو، سرائيڪي، هندي ۽ فارسي ٻولين ۾ ملي ٿي. غمدل فقير تصوف ۽ همه اوست سميت سنڌ توڙي پنجاب جي ڪلاسيڪل رومانوي داستانن کي بہ پنھنجي ڪلام جو عنوان بڻايو آهي. سندس ڪلام کي سندس فرزند مرحوم فقير لطف علي دايي ترتيب ڏئي، 1989ع ۾ ’ديوان گلزارِ غمدل‘ جي نالي سان ڇپرايو، جنهن ۾ غمدل فقير جي ڪلام سان گڏوگڏ سندس سوانح حيات بہ شامل آهي. سندس ڪلام سنڌ جي ناليوارن راڳين: عابدہ پروين، سهراب فقير، استاد گلزار علي خان، فقير قلندر بخش خاصخيلي، جمال فقير، سيد ظفر علي شاھہ، فقير مظفر علي دايي ۽ ٻين ڳايو آهي. هونئن تہ ميڊيا تي غمدل فقير جو ڳچ ڪلام مشھور ٿيو، پر سهراب فقير جي آواز ۾ ڳايل سندس ڪافي ’ڳليان پريم نگر ديان‘ بيحد مقبول ٿي، جيڪا سهراب فقير کان پوءِ عابدہ پروين، جلال چانڊيي، ديدار حسين سمي ۽ ٻين فنڪارن پڻ ڳائي. هيل تائين سندس ڪلام تي مشتمل ڪيتريون آڊيو ڪئسيٽون پڻ جاري ٿي چڪيون آهن. غمدل فقير جي شاعريءَ جي حوالي سان سنڌ جي ٻن سريلن فنڪارن فقير مظفر علي دايي کي ’حافظ غمدل‘ ۽ سيد ظفر علي شاھہ کي ’قوال غمدل‘ جو خطاب پڻ ملي چڪو آهي. غمدل فقير جو مرشد سيد قلندر شاھہ جيلاني رتيديري شھر ڀرسان ڳوٺ نبي شاھہ وڳڻ، ضلعي شڪارپور جو رهاڪو هو ۽ مرشد جي محبت ۽ عقيدت جي ڪري ئي غمدل فقير پنهنجو آبائي ڳوٺ پنو عاقل ڇڏي 1948ع ۾ رتيديري ۾ اچي آباد ٿيو ۽ باقي سموري زندگي پنھنجي مرشد جي پاڙي، رتيديري ۾ گذاريائين. سندس مرشد سيد قلندر شاھہ جيلانيءَ جي وفات کان پوءِ غمدل فقير سندس مزار تي رياضت ڪندو رهيو.
فقير عبدالخالق غمدل فقير، 15 مئي 1972ع تي 105 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. کيس وصيت مطابق سندس مرشد جي پيرانديءَ ۾ ڳوٺ نبي شاھہ وڳڻ ۾ دفنايو ويو. سندس سالياني ورسي هر سال 16 اپريل تي سندس آخري آرامگاھہ تي ملهائي ويندي آهي. هن وقت سندس خاندان رتيديري ۾ رهائش پذير آهي.
1867.05.14 عيسوي
سنڌ جي ناليواري صوفي شاعر ۽ بزرگ غمدل فقير جو اصل نالو عبدالخالق ولد پير بخش دايو هو. هن 14 مئي 1867ع تي ڳوٺ ڪچا چاچڙ لڳ پني عاقل ۾ جنم ورتو.
1972.05.15 عيسوي
غمدل فقير، 15 مئي 1972ع تي 105 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. کيس وصيت مطابق سندس مرشد جي پيرانديءَ ۾ ڳوٺ نبي شاهه وڳڻ ۾ دفنايو ويو. سندس سالياني ورسي هر سال 16 اپريل تي سندس آخري آرامگاهه تي ملهائي ويندي آهي. هن وقت سندس خاندان رتيديري ۾ رهائش پذير آهي.