دبئي فيسٽيول: دبئي سرڪار پاران 1995ع کان ’دبئي فيسٽيول‘ نالي هڪ ميلو لڳايو ويندو آهي، جنهن ۾ سڄيءَ دنيا جا ڪيترا ملڪ ڀرپور حصو وٺندا ۽ مختلف شين جا اسٽال لڳائيندا آهن. دبئيءَ ۾ هر سال ملهائجندڙ هن ميلي ۾ مختلف ملڪ ڪلچرل پروگرام بہ ڪندا آهن. هن ميلي ۾ سنڌ طرفان هڪ ڌار اسٽال لڳايو ويندو آهي، جنهن ۾ هالا ۾ ٺهندڙ اجرڪ، جنڊيءَ جي ڪم، ڀرت ڀريل چولين، لنگين، شالن، کيسن، رلين، ٽوپين وغيرہ جا اسٽال لڳايا ويندا آهن. هر اسٽال جي حد ۾ هڪ خوبصورت اسٽيج ٺاهي ويندي آهي، جنهن تي هر ملڪ پنھنجي ثقافت کي اجاگر ڪندو آهي. سنڌ جي اسٽيج تي سنڌ جا فنڪار ڳائي خوب داد حاصل ڪندا آهن. مقامي سنڌي لوڪ گيت ’مور ٿو ٽِلي‘، ’هو جمالو‘ وغيرہ پيش ڪيا ويندا آهن. هن ثقافتي ميلي ۾ سريلنڪا، بنگلاديش، ڀارت، آمريڪا، چين، ايران وغيرہ ڀرپور نموني حصو وٺندا آهن. هن ميلي لاءِ ’دبئي فيسٽيول سٽي‘ ٺاهي وئي آهي. ان کانسواءِ دبئيءَ ۾ ايئر شو، ڊفينس شو بہ ٿيندا آهن. ايئر شو ۾ سڄيءَ دنيا جون جهازساز ڪمپنيون پنهنجا جھاز ۽ پرزا کڻي اينديون آهن. ڊفينس شو ۾ هٿيارن جو واپار بہ ٿيندو آهي، جنهن ۾ بندوق کان وٺي ٽينڪن تائين هر قسم جي هٿيارن ۽ فوجي ضرورت جي شين جي نمائش ٿيندي آهي. پاڪستان جي واھہ آرڊيننس فيڪٽريءَ پاران تيار ڪيل هٿيار بہ نمائش لاءِ رکيا ويندا آهن. دبئيءَ ۾ ٿيندڙ هن ثقافتي نمائش ۾ ساليانو کربين ڊالرن جو ڪاروبار ٿيندو آهي.