دبستان مذاهب

دبستان مذاهب (ڪتاب): دنيا جي سڀني مذهبن بابت هڪ تفصيلي ڪتاب 1064ھہ/ 1654ع ۽ 1067ع/ 1657ع جي وچولي عرصي ۾ فارسي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو. هن ڪتاب ۾ مختلف مذهبن جي مڪمل معلومات آهي. ’بيان الاديان‘ (ڇهين صدي هجريءَ/ ٻارهين عيسويءَ) کان پوءِ مذهبي معلومات بابت لکيل ڪتابن ۾ سڀ کان جامع ۽ مستند ڪتاب ’دبستان مذاهب‘ آهي. ’بيان الاديان‘ ۾ واقعا تہ صحيح آهن، پر تمام مختصر آهن. ’بيان الاديان‘ ۽ ’دبستان مذاهب‘ جي وچ واري عرصي ۾ ’تبصرة العلوام‘ ڪتاب لکيو ويو، جيڪو پڻ گهڻو مشھور ٿيو. دبستان مذاهب لکڻ وقت مصنف مختلف مذهبن جي عقيدت بابت ڪتابن کان سواءِ ذاتي مشاهدن تي زور ڏئي تحقيق ڪري ڪتاب لکيو آهي. ڪتاب ۾ سڀ کان پهرين پارسي مذهب جي مڪمل معلومات ڏنل آهي. ان کان پوءِ تبتين، يهودين، عيسائين ۽ دهرين بابت معلومات گڏ ڪئي وئي آهي. تنهن کان پوءِ اسلام ۽ ان جي مختلف فرقن بابت ۽ سڀ کان آخر ۾ فلسفين ۽ صوفين بابت تفصيلي معلومات ڏنل آهي. هن ڪتاب جي مصنف بابت گهڻو تضاد آهي. پراڻن قلمي نسخن مان گهڻن تي مصنف جو نالو محسن فاني ڄاڻايل آهي ۽ باقي ٿورن تي پارسي مذهب جي روشن خيال پيروڪار سراج الدين آرزو جو نالو مصنف طور ڄاڻايل آهي. ڪن مورخن هن ڪتاب جو مصنف مويد شاھہ/ ملا شاھہ ڄاڻايو آهي.


لفظ دبستان مذاهبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو