دبيار: دبيار جهرڪ ويجهو هڪ قديم خطو آهي. لفظ دوبيار ’دو آبيار‘ مان نڪتل آهي. قديم دور ۾ هي سنڌو درياهه جو دو آبو رهيو آهي. دبيار کي ٽن طرفن کان جابلو علائقو آهي. فقط هڪ طرف ڏکڻ کان ڪچي جو علائقو لڳي ٿو، جتان هن وقت سنڌو درياهه فقط ٽي ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. حيدرآباد کان ٺٽي ويندڙ رستو به انهي علائقي وٽان گذري ٿو. هن علائقي ۾ شاه اسماعيل جو قبرستان ۽ هزارين سال آڳاٽو ماڳ ’ماجيراءِ جي ماڙي‘ پڻ آهن. ٽالپرن جي دور ۾ ڏکڻ طرف کان سنڌو درياهه جي پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ بچاءُ بند ڏنو ويو، تنهن کان پوءِ هي علائقو باقاعدي زرعي علائقو آهي. دبيار جي علائقي مان ئي ساپاهه (سپاهه) واهه وهي ٿو.
ڪن تاريخدانن جو رايو آهي ته سڪندراعظم سنڌ فتح ڪرڻ بعد واپس ويندي، هتي ڪجهه وقت پنهنجي فوج ترسائي هئي، تنهنڪري هن واهه تي نالو سپاهه پيو. دبيار جي علائقي ۾ ئي مخدوم نوح رح جو ڪوٽ هو. هتي مخدوم لطف الله عرف لاکي پير جو مقبرو به آهي، جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو همعصر شاعر هو. هن قبرستان ۾ قديم دور جون قبرون ۽ چوکنڊيون موجود آهن.
دبيار ۾ جماري، ٻٻر، شيخ، سيد، مير بحر، سولنگي، چانگ قبيلا رهن ٿا. مشهور اديب، محقق۽ ڊائريڪٽر ڪلچر ڊاڪٽر محمد علي مانجهي به هن ڳوٺ جو رهاڪو آهي. سُرندي جو مشهور واڄارو آمون ماڇي به هن ئي علائقي سان تعلق رکندو هو. مشهور ڌاڙيل ڦُل ماڇي به هن ڳوٺ جو ٿي گذريو آهي، جيڪو صرف وڏن ماڻهن کي ڦُري غريبن تي هٿ رکندو هو.