دبيار: دبيار جهرڪ ويجهو هڪ قديم خطو آهي. لفظ دوبيار ’دو آبيار‘ مان نڪتل آهي. قديم دور ۾ هي سنڌو درياھہ جو دو آبو رهيو آهي. دبيار کي ٽن طرفن کان جابلو علائقو آهي. فقط هڪ طرف ڏکڻ کان ڪچي جو علائقو لڳي ٿو، جتان هن وقت سنڌو درياھہ فقط ٽي ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. حيدرآباد کان ٺٽي ويندڙ رستو بہ انهي علائقي وٽان گذري ٿو. هن علائقي ۾ شاه اسماعيل جو قبرستان ۽ هزارين سال آڳاٽو ماڳ ’ماجيراءِ جي ماڙي‘ پڻ آهن. ٽالپرن جي دور ۾ ڏکڻ طرف کان سنڌو درياھہ جي پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ بچاءُ بند ڏنو ويو، تنهن کان پوءِ هي علائقو باقاعدي زرعي علائقو آهي. دبيار جي علائقي مان ئي ساپاھہ (سپاھہ) واھہ وهي ٿو.
ڪن تاريخدانن جو رايو آهي تہ سڪندراعظم سنڌ فتح ڪرڻ بعد واپس ويندي، هتي ڪجهہ وقت پنھنجي فوج ترسائي هئي، تنهنڪري هن واھہ تي نالو سپاھہ پيو. دبيار جي علائقي ۾ ئي مخدوم نوح رح جو ڪوٽ هو. هتي مخدوم لطف ﷲ عرف لاکي پير جو مقبرو بہ آهي، جيڪو شاھہ عبداللطيف ڀٽائي رح جو همعصر شاعر هو. هن قبرستان ۾ قديم دور جون قبرون ۽ چوکنڊيون موجود آهن.
دبيار ۾ جماري، ٻٻر، شيخ، سيد، مير بحر، سولنگي، چانگ قبيلا رهن ٿا. مشھور اديب، محقق۽ ڊائريڪٽر ڪلچر ڊاڪٽر محمد علي مانجهي بہ هن ڳوٺ جو رهاڪو آهي. سُرندي جو مشھور واڄارو آمون ماڇي بہ هن ئي علائقي سان تعلق رکندو هو. مشھور ڌاڙيل ڦُل ماڇي بہ هن ڳوٺ جو ٿي گذريو آهي، جيڪو صرف وڏن ماڻهن کي ڦُري غريبن تي هٿ رکندو هو.