دبگير

دبگير (ذات): دبگير سنڌ جي هڪ ذات آهي. هن ذات وارا تيل ۽ گيھہ کي محفوظ رکڻ لاءِ چمڙي مان برنيون ۽ ڪپ ٺاهيندا آهن. هنن کي ’ڪُپيساز‘ بہ چيو ويندو آهي. دبگير ذات مسلمان توڙي هندن ۾ ملي ٿي، جيڪي مختلف طبقن ۾ ورهايل آهن. انهن ۾ دهلي وال، داري، موچي، سِرپٽ ۽ بينگڙ مشھور آهن. ان کان سواءِ هن ذات جي ٻين هندو نُکن ۾ بينسي، تُلگر، گولي والا، جاتي، ڪانوجيئا ۽ مسلمانن ۾ ’پنجابي‘ اچي وڃن ٿا.
خير محمد ٻرڙي پنھنجي ڪتاب ’ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا‘ ۾ دبگيرن کي ’دبگر‘ لکيو آهي. سندس چوڻ موجب: ”هي چمڙي جا ڪاريگر آهن، جيڪي جوڻيجن جو هڪ پاڙو آهن. هنن کي چمار بہ چون ٿا. هن ذات وارا پنجاب ۽ اترين علائقن ۾ رهن ٿا.“ پنجاب ۾ ساڳيو ڪم ڪندڙ دبگر خوجا، چمرنگ ۽ چهڙا سڏجن ٿا. اترين علائقن ۾ بہ هن ذات وارا چڱي تعداد ۾ رهن ٿا، جتي هي داري، سري پٽ ۽ بيگنار سڏجن ٿا.
هنن جون شاديون عام هندن وانگر ٿينديون آهن. منجهن ڪنهن حد تائين خاندان کان ٻاهر بہ شاديءَ جو رواج آهي. هن ذات وارا هندو ’پنچون پير‘ جي پوڄا ڪندا آهن، جنهن جي مزار تي هو کنڊ ۽ مرچ رکندا آهن. جيڪڏهن مٿن ڪا وڏي مصيبت ايندي آهي تہ پوريون، مٺائي ۽ ٻَڪر بہ قربان ڪندا آهن. سنڌ ۾ بہ دبگير ذات مشھور آهي، جيڪي مسلمان آهن، جن جي گهڻائي ٺٽي ۾ رهي ٿي. سندن نالي سان ٺٽي جي مشھور ’دبگير مسجد‘ بہ آهي.


لفظ دبگيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو