دبگير مسجد

دبگير مسجد

دبگير مسجد

دبگير مسجد: ٺٽي ۾ دبگير مسجد خان چرڪس'>خسرو خان چرڪس 1588ع ۾ ٺهرائي هئي. هن مسجد جو نالو دبگير ان ڪري پيو، جو اتي دبگيرن جو پاڙو هو. هن وقت هيءَ مسجد شھر کان ٻاهر آهي، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو تہ ڪڏهن ٺٽو شھر ان مسجد جي اوڀر طرف بہ آباد هو. هيءَ مسجد مستطيل شڪل جي ڊگهي عمارت آهي. مسجد جي 1910ع ڌاري سطح مٿي ڪئي وئي هئي تہ جيئن سنڌوءَ جي اٿل ۽ ٻوڏ هيٺ نہ اچي سگهي. هيءَ پٿرن جي بنياد تي بيهاريل سرن جي مسجد آهي. دبگير مسجد کي ٽي گنبذ وارا هال آهن، جيڪي ترخاني انداز جي مسجد جو خاص نمونو آهن. مسجد کي اوڀر پاسي احاطو آهي ۽ وچئين مرڪزي هال ۾ اٺ ڪنڊي جي اڌ تي مشتمل محراب آهي. محراب جي ٻنهي پاسن کان اڌ گنبذي ننڍا محراب رکيا ويا آهن. مرڪزي محراب جي ڀر ۾ خوبصورت اُڪر وارو پٿر آهي. وڏي هال ۾ محراب جي ونگ کي هڪ گنبذ آهي ۽ پٿرن تي قرآني آيتون تحرير آهن.
ونگن جي سطح کان هيٺ چئني پاسن کان عربي تحرير آهي، جيڪا گهري نيري فرش تي اڇي رنگ ۾ لکيل آهي. دبگير مسجد جو گنبذ هاڻي ڊهي چڪو آهي. ان جي ٻاهرئين پاسي اٺ پاسائين ڏيڍي هئي. مسجد جي اندر ڪاشيءَ جي آرائش هئي. ڀر وارن گوشن يا هالن جي ننڍن گنبذن تي بہ ڪاشيءَ جي آرائش هئي. هن مسجد جو پهريون پيش امام خطيب ۽ متولي سيد ابو المڪارم کي مقرر ڪيو ويو، جيڪو وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. هُو مسجد ۾ ئي رهندو هو. جنهن کانپوءِ سندس اولاد مان ئي مسجد جا پيش امام ٿيندا اچن ٿا.


لفظ دبگير مسجدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو