درازي سخي قبول محمد اول

درازي سخي قبول محمد (اول): خواجہ عبدالحق درازيءَ جو وڏو فرزند سخي قبول محمد اول، والد جي وفات کان پوءِ درگاھہ جي مسند تي ويٺو. هن 1181 ھہ مطابق 1767ع ۾ جنم ورتو سچل سرمست، سخي قبول محمد جي مسند نشين ٿيڻ کان پوءِ کيس پنهنجو مرشد مڃيو ۽ پاڻ سندس وڏو خليفو بڻيو. سخي سائين نهايت سخي، رحمدل، متقي ۽ پرهيزگار هو. کيس سخا جي ڪري ئي ’سخيءَ‘ جي لقب سان سڏيو ويندو هو. سخي قبول محمد شعر بہ چوندو هو، پر هن وقت سندس ڪلام ناپيد آهي. فقط هڪ بيت هٿ اچي سگهيو آهي، جيڪو قادر بخش بيدل جي ڪتاب ’سند الموحدين‘ ۾ آيل آهي، جنهن تي بہ ڪيترن محققن کي اختلاف آهي. اهو بيت هن ريت آهي: جامن تي جامان، پرين پهري آئيو، کامان ڙي کامان، ڪيڏو لِڪ ڪريم ڪيو. سخي سائينءَ 1245 ھہ مطابق 1829ع ۾ وفات ڪئي. سخي سائينءَ جي وفات کان ٽي سال اڳ سچل سرمست جھان ڇڏيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو