درازي سخي قبول محمد فاروقي ٻيو

درازي، سخي قبول محمد فاروقي (ٻيو): نامياري صوفي درويش ميان سخي قبول محمد فاروقي (ٻيو) ولد ميان نجم الدين 1261ھہ مطابق 1842ع ۾ جنم ورتو. ڏهن سالن جي ننڍڙيءَ عمر ۾ ئي درازي درگاھہ جو گادي نشين ٿيو. هي درويش هڪ سخي دل هوندو هو، جيڪو بہ نذرانو وغيرہ کيس ملندو هو، سو اُتي جو اُتي ئي غريبن ۽ مسڪينن کي ڏئي ڇڏيندو هو. ايتري قدر جو پنهنجن ڪڙمين کان زمين جي بٽئي بہ نہ وٺندو هو. ان هوندي بہ سندس لنگر اٺئي پھر جاري رهندو هو. سخي قبول محمد جي مريدن ۾ مسلمان توڙي هندو شامل هئا. سندس زندگيءَ ۾ درگاھہ تي راڳ ۽ ويراڳ جون محفلون اڳ کان بہ وڌيڪ ٿيڻ لڳيون. ڪيترا انگريز بہ هن درگاھہ جي هاڪ ٻڌي سخي قبول محمد جا اچي مريد ٿيا. سخي قبول محمد (ثاني) کي چار فرزند: ميان محمد بچل، ميان نظر محمد (ثاني)، ميان صاحبڏنو (ثاني) ۽ ميان رسم علي هئا. هن درويش 23 ذوالقعد 1343ھہ مطابق 1924ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو