دراني

دراني (ذات): دراني، افغانن جي هڪ معروف قبيلي ابدال سان نسبت رکن ٿا. احمد شاھہ دراني، قس ابدال (اسلامي نالو عبدالرشيد) جي پنجين پشت مان هو، جيڪا پشت دراني هئي، اُن ڪري اُن نسبت سان پاڻ کي دراني سڏائيندو هو. دراني خاندان جا ٽي مشھور قبيلا محمد زئي، يوسف زئي ۽ سدوزئي آهن. احمد شاھہ جو پوٽو سليمان عرف زيرڪ ابن عيسيٰ، پوپل زئي ۽ موسيٰ زئي قبيلن جو جد اعليٰ آهي. پوپل زئي قبيلي ۾ هڪ شخص سدو ٿي گذريو آهي، جنهن جي پٽ عبدالرؤف سدوءَ جي نالي پٺيان سدوزئي قبيلو مشھور آهي. سنڌ جو نامور سياستدان آغا سراج دراني بہ هن قبيلي سان واسطو رکي ٿو. سنڌ جي اڳوڻي وزيراعظم سر غلام حسين جي زال ليڊي هدايت الله، دراني ذات جي هئي، جنهن جي ڀائٽي سعيده دراني اڪادمي ادبيات اسلام آباد ۾ آفيسر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو