دراني، آغا الهڏنو

دراني، آغا الهڏنو

دراني آغا الھڏنو

دراني، آغا الھڏنو: سنڌ جي برک والي بال رانديگر آغا الھڏنو ولد الھورايو دراني 2 آگسٽ 1937ع تي سکر شھر ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا اصل ضلعي شڪارپور جا رهاڪو هئا ۽ اتان جا مڃيل زميندار هئا. سندس والد جي ٽالپر حڪمران مير بندھہ علي سان مائٽيءَ هجڻ سبب ٽنڊي غلام عليءَ ۾ اچي هميشہ لاءِ آباد ٿيو. آغا الھڏنو زميندار گهراڻي جو فرد هجڻ باوجود والي بال راند ڏانهن راغب ٿيو ۽ 1937ع ۾ راند جي شروعات ڪيائين. 1960ع ۾ ماتليءَ جي ٽورنامينٽ ۾ وچ نيٽ تي بھترين راند جو مظاهرو ڪري بيسٽ نيٽ جو انعام حاصل ڪيائين. الھڏنو دراني نہ فقط بال کي ڌڪ هڻڻ وارو رانديگر رهيو، پر هن راند کي ترقي وٺرائڻ لاءِ لکين روپيا ذاتي خرچ ڪري ڪيترن ئي سالن تائين ننڍي وڏي پئماني تي ٽورنامينٽون منعقد ڪرائيندو رهيو. هيءُ ڪيترن سالن تائين والي بال سنڌ ائسوسيئيشن سنڌ صوبي جو پهريون صدر رهيو. هيءُ ڪيترو عرصو اڳوڻي وزيراعظم مير ظفرالله خان جماليءَ جو ساٿي ۽ ٻانهن ٻيلي پڻ رهيو. فيڊريشن جي جوڙجڪ ۾ سندس وڏو سهڪار رهيو ۽ بنياد وجهندڙن ۾ شامل رهيو. هن ڪيترن ئي والي بال رانديگرن جي مالي مدد پڻ ڪئي. هن والي بال راند جي واڌاري لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون پڻ ورتيون. سندس نالو والي بال رانديگرن ۾ سر فهرست آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.08.02  عيسوي

سنڌ جي ناليوارو والي بال رانديگر آغا الهڏنو ولد الهورايو دراني 2 آگسٽ 1937ع تي سکر شهر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مخدوم عبدالغفور سيوستاني
ڀارواڻي وشنداس
رستم علي ٻرڙو
آسو
جاويد ٽاڪاڻي
شيخ عارف
زاهد علي ڀرڳڙي
آغا خان چوٿون
فھميدہ حسين ڊاڪٽر
چانڊيو ڀرڪيو شاهاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون