دراني، اٽل خان: اٽل خان دراني ولد مير محمد خان پوپلزئي دراني، ڪـوٽ سبزل، رياست بهـاولپـور ۾ پيدا ٿيـو. سـنـدس نسب جـو سلسلــو مير محمد خان کان ٿيندو سردار جھان خان پوپلزئيءَ سان وڃي ملي ٿو. سردار جھان خان کي قنڌار جي بادشاھہ احمد شاھہ ابداليءَ پنھنجي پٽ ۽ لاهور جي واليءَ شھزادي تيمور جو معاون مقرر ڪيو هو. سردار جھان خان پنھنجي ڪٽنب ۽ قبيلي سان گڏ پهرين سبزل ڪوٽ ۾ مقيم ٿيو، جتان ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيو، سنڌ ۾ رهڻ ڪري سندس ٻولي اڳتي هلي سرائڪي ٿي وئي، مير محمد خان جي انتقال کانپوءِ اٽل خان دراني پنھنجي ڀاءُ ڪمال خان درانيءَ ۽ ڀيڻ سان گڏ هميشہ لاءِ بھاولپور مان لڏي مختلف هنڌن تي رهائش اختيار ڪندو، آخرڪار گدو (موجود پٺاڻ ڳوٺ، حسين آباد، حيدرآباد) ۾ اچي رهيو. اٽل خان کي هڪڙي نياڻي هئي، جيڪا هالا جي مخدوم خاندان ۾ پرڻائي ڏنائين، جـيـڪـا مـخـدوم محمد زمان طـالـب الـمـولـيٰ جـي والـده هـئـي. کـيس ٻہ پٽ مير محمد خان ۽ محمد يوسف خان هئا. هن 1914ع ڌاري وفات ڪئي. سندس مزار پٺاڻ ڳوٺ، حسين آباد ۾ آهي.