درباري (راڳڻي): درباري، آساوري ٺاٺ جي سمپورن کاڍو راڳڻي آهي. هن راڳڻيءَ جو آلاپ مٺو آهي. گنڌار آروهيءَ ۾ دربل، امروهيءَ ۾ ڌيوت ورج اٿس. هن ۾ نکاد ۽ پنچم جي سنگت رهي ٿي. هن جو گنڌار اندولت آهي، معنيٰ گهڻو جهولائبو آهي. هن کي بلمپت جي لئہ ۾ ڳائڻ مناسب آهي. آروهيءَ ۾ گنڌار ڪمزور اٿس. ان لاءِ ڪافيءَ کان الڳ آهي. امروهيءَ ۾ ڌيوت ورج هجڻ ڪري آساوريءَ کان الڳ بيهي ٿي. هي راڳ مسلمانن جي ايجاد آهي.
هن راڳڻيءَ جي خاص تان: ري ري- سا- نا سا- ري ڌا- نِا پِا- ڌا ڌا – نِا سا- ري سا- نا سا- ري- گا گا- ما ري- سا- نِا سا ري- - ڌا نا پا- نا پا- ڌا- نِا- سا- ڌا نِا- سا- آهي. آروهي: نا سا ري ما پا ڌا نا سَا، امروهي: سا ڌا نا پا گا ما ري سا آهي.
هن راڳڻيءَ جو وادي سُر رکب آهي، جڏهن تہ سموادي سُر نکاد آهي. هيءَ راڳڻي رات جي ٻئي پھر ۾ ڳائبي آهي.
دربان: چوڪيدار يا در جي ٻاهران بيهي پهرو ڏيندڙ کي دربان چئبو آهي. هن جو سنسڪرت ۾ بنياد ’دوارپال‘ آهي، يعني دروازي جي حفاظت ڪندڙ. جنهن مان ئي بگڙي دربان بڻيو آهي، جيڪو فارسيءَ ۾ در + بان = دربان مڃيو وڃي ٿو. سنڌيءَ جي ناليواري شاعر عبدالغفور مفتون همايوني هن لفظ کي هڪ غزل ۾ استعال ڪيو آهي:
تنھنجي زلف جي بند ڪمند وڌا حيران هزارين مان نہ رڳو.
تنھنجي جلوي جمال جي عيشاگري ڪيا، ملَڪ مطيع ۽ وسيع وري،
ڇا جن ملائڪ حور پري ’دربان‘ هزارين مان نہ رڳو.
- دربان، مشھور ڪهاڻيڪار حميد سنڌيءَ جي ڪهاڻيءَ جو نالو بہ آهي. اڄڪلھہ وڏين هوٽلن جي دروازن تي مخصوص لباس پهريل دربان، ايندڙ ويندڙ جي آڌرڀاءُ لاءِ بيهاريل هوندا آهن.