
درد جو ڇو انت نه آ
درد جو ڇو انت نہ آ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري شاعرہ ارشاد سومرو جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هن جديد صنف ‘نئين ڪويتا’ متعارف ڪرائي آهي، جنهن جو گهاڙيٽو نظم ۽ نثري نظم سان ملندڙ آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعر امداد حسينيءَ لکيو آهي. جڏهن تہ آسي زميني ۽ شبانا عالماڻيءَ جا رايا پڻ شامل آهن. هن ڪتاب ۾ ڪل 88 ڪوتائون (نظم) شامل آهن. هن پنھنجي شاعريءَ ۾ سياسي ۽ سماجي مسئلن کي موضوع بڻايو آهي. ڪتاب جي ارپنا سنڌ جي شھيدن جي نانءَ ڪيل آهي. 184 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي روشني پبليڪيشن، 2016ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.