درزي وڏو
درزي وڏو (پکي: (Baya weaver/ Placeus philippinus: هي پکي سنڌو ماٿري، پوري هندستان، سري لنڪا ۽ بنگلاديش ۾ ٿئي ٿو. پاڪستان ۾ هي پکي ڪراچيءَ کان اتر پنجاب تائين، ٿر ۽ ڪوهستان ۾ به ٿيندو آهي. هن پکيءَ جو جسم 15 سينٽي ميٽرن جو ٿئي ٿو، لڳ جي مند ۾ هن پکيءَ جو مٿو هئڊو ۽ ڪنن توڙي ڪنڌ تائين گهرو ناسي هوندو آهي. هن جي چهنب ڪارسري ناسي ٿيندي آهي ۽ جسم تي ڪارا، ناسي، هئڊا ۽ ڀورا لينگھا ٿيندا اٿس. هي پکي نرم لهجي سان ’چٽ.... چٽ......چٽ.....‘ جي ٻولي ٻوليندو آهي، جنهنجي پڇاڙيءَ ۾ سيٽي دار آواز ڪندو آهي. هي پکي اناج جي فصلن کي وڏو نقصان رسائيندو آهي، پر هڪ لحاظ سان فائديمند به چئي سگھجي ٿو ، جو هي ان جي جيتن کي کائي ڇڏيندو آهي. هي پکي خاص ڪري ٻچن کي پالڻ وقت زمين تي ڪريل ٻچن ۽ خوراڪ جي تلاش ۾ بيچينيءَ سان ٽپا ڏيندي نظر ايندو آهي، يا وري گاهن جي سنگن تان ٻج چڳندو آهي. سياري ۾ مقامي طور رلندو آهي ۽ هي اڪثر طور پنهنجو پڇ لوڏيندو رهندو آهي. روايتي جا3 تي ٻين پکين سان گڏجي آرام ڪندو آهي، آکيرا جوڙڻ مهل نر درزي گڏجي وڏو شور مچائيندا آهن، جنهن ما سندن جوش خروش صاف ڏسبو آهي. درزي پکي باقائدي پنهنجو آکيرو پاڻ اڏيندو آهي، تنهنڪري سندس نالو درزي پکي پيو. هي پکي پوکن، ساريال، گاهير، ميدانن ۽ وڻن ۾ رهي ٿو. مارچ ۽ آڪٽوبر مهيني ۾ افزائشِ نسل ڪندو آهي. ان پکيءَ جو دارومدار چؤماسي تي آهي. هي پکي مرليءَ جي شڪل جهڙو آکيرو ٺاهيندو آهي، جنهن ۾ هيٺان کان ٽيوب جهڙو اچڻ وڃڻ لاءِ رستو/ لنگھه ٺاهيندو آهي. اهو ٽنگيل آکيرو ڪنهن اڪيلي وڻ جي ٽاريءَ جي آخري ڇيڙي تي ٻڌل نظر ايندو آهي. هي پکي برسات جي مند ۾ گڏجي پنهنجا آکيرا ٺاهيندا آهن. ٻن ڪمرن وارا آکيرا وڏي مهارت سان ٺاهيندا آهن. ٻئي ڪمرا هڪٻئي جي مٿان جوڙيندا آهن. جڏهن آکيرو تياريءَ جي ويجھو ايندو آهي، تڏهن مادين درزين جو ولر اچي آکيري جو معائنو ڪندو آهي.