درسادوتي درياھہ (Dirsadvati River): هيءُ قديم دؤر ۾ هڪ مشھور درياھہ هو، جيڪو هندستان جي علم ارضيءَ جي ماهرن ’امل ڪر‘ (Amel Ker) ۽ ’بملا گهوش‘ (Bimla Ghosh) لاڳيتن کوجنائن ذريعي لڌو آهي. هي درياھہ نهند جڳاڌري (Nahand Jagadhri) جي ويجهو سهارنپور جي اتر کان سواليڪ (Swalik) ٽڪرين مان نڪري راجستان جي رڻ مان نڪري ضلعي سانگهڙ ۾ منڍ- جمڙائو وٽ مختلف هنڌن تي هاڪڙي درياھہ سان ملندو هو. هن درياھہ جي وهڪري سبب خيرپور ضلعي ۾ 2000 کن ڍنڍون وجود ۾ آيون ۽ ان کانسواءِ سانگهڙ ضلعي ۾ بہ ڪيتريون ڍنڍون ٺهيون. مکي فرش ڍنڍ جي ڍنڍن وارو سلسلو پڻ شامل آهي.