
درساڻو ڇنو
درساڻو ڇنو: هيءُ ڳوٺ، ديھہ ۽ تپي درساڻي ڇني، يونين ڪائونسل ڪونڪر ۽ تعلقي ڪراچي ملير ۾ آهي. هيءُ هڪ پراڻو ماڳ آهي. هتي درس ڏيڻ وارن جا ڇنا (جهوپڙا) هئا، تنهڪري هن کي ’درساڻو ڇنو‘ يعني درس ڏيڻ وارن جو ڇنو چيو ويندو هو. اُن تان هن ديھہ جو اهو ئي نالو پئجي ويو. هتي سيد يوسف شاھہ جي درگاھہ ڀرسان جوکين ۽ ٻروچن جو قديمي قبرستان موجود آهي. هي ديھہ اتر اولھہ پاسي ملير نئين سان، اولھہ ڏکڻ پاسي ’سڪڻ نئين‘ سان ملي ٿي.