درسگاھہ سرينواري: سانگهڙ ۽ کپري جي وچ تي، ٽنڊي مٺا خان روڊ سان، هاڻوڪي سرينواريءَ جي ڀر ۾، هڪ ميل اُتر طرف، پراڻي ڍوري (ڪاري ناري) جي ڪپ تي هيءَ درسگاھہ قائم هئي، جيڪا هن وقت هڪ ڀڙي جي شڪل ۾ موجود آهي. اٽڪل 1140-1150 هجريءَ ڌاري هيءَ درسگاھہ قائم ٿي هئي، جنهن جو باني ۽ مهتمم ميان مخدوم تاج محمد ڪيريو هو. ميان مخدوم تاج محمد ڪيريو ۽ ميان محمد مبين ولد مُجاهد ڪيريو ھمعصر ۽ ويجها مائٽ ھئا . چوٽيارين واري پهرين مسجد وانگر، درسگاھہ سري واريءَ ۾ هڪ مسجد جوڙائي. روايت آهي تہ مائي ڄامان هتي هڪ پڪو کوھہ ۽ هڪ ڪڙيو بہ کوٽايو هو. اُن کانسواءِ مسافر طالبن لاءِ هڪ مسافر خانو بہ ٺهرايائين، جن جا نشان هن وقت ميسارجي چُڪا آهن. سانگهڙ ۽ کپري جي وچ تي پيرونمل جي اُتر طرف، ارڙهين ميل موريءَ ويجهو، اولياءَ بھرام بريءَ سان لڳو لڳ ڏکڻ اوڀر طرف واگهين واري ڀٽ آهي، جنهن تي شاھہ ڀٽائيءَ جو تڪيو موجود آهي. شاھہ ڀٽائي واگهين واري ڀٽ تي ٻہ ٽي راتيون رهڻ کانپوءِ، چار ميل اوڀر طرف درسگاھہ سري واريءَ ۾ آيو هو. روايت آهي تہ درسگاھہ جي طالب علمن ڀٽائي صاحب کي ڪو نہ سڃاتو. کيس تلڪ، جڻيا ۽ گيڙو رتا ڪپڙا ڏسي، جوڳي يا سامي سمجهيو ويو. مدرسي کان ٻاهر نڪري ويهڻ لاءِ زور ڀريو ويو، پر پاڻ مسڪرائيندو مدرسي ۾ ئي ويٺو رهيو. طالب علمن اهڙو اطلاع ميان تاج محمد کي ڏنو، جيڪو ترت مدرسي پهتو ۽ پري کان ڀٽائيءَ کي سڃاڻي ورتائين. ڀٽائيءَ ۽ ميان تاج محمد جيڪا گفتگو ڪئي، سا ڀٽ ڌڻيءَ هيٺين بيتن ۾ بيان ڪئي آهي:
ڪُوڙو تُون ڪُفر سِين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ،
هندو هڏ نہ آهيين، جڻيو تو نہ جُڳاءِ،
تِلڪ تنِي کي لاءِ، سچا جي شرڪ سين.
--
ڪافر ٿي تہ اُبهين، باب شرع جا ڇَڏِ،
مَنَ مُشرڪَنِ گَڏِ، تہ ويجهو ٿين وصال کي.
هيءَ درسگاھہ 1200هجريءَ کانپوءِ بہ قائم هئي، پر زوال پذير ڪڏهن ٿي، اُن بابت ڪو مستند احوال نٿو ملي. درسگاھہ جي احاطي ۾ ڪافي تربتون آهن، جن مان هڪ تربت ميان مخدوم تاج محمد ڪيريي جي آهي.