درسگاھہ صديقي

درسگاھہ صديقي: هيءَ درسگاھہ سيتا، ضلعي دادوءَ ۾ انگريزن جي دور ۾ قائم ٿي. هن درسگاھہ جو باني مولانا محمد صديق سيوستاني هو، جيڪو معقول ۽ منقول جو وڏو ماهر عالم، مناظر، متڪلم ۽ فقيھ هو. هن درسگاھہ مان سوين ماڻهن درس ورتو، جيڪي پنھنجي وقت جا جيَد عالم ليکيا وڃن ٿا، تن ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولوي عبدالعزيز ملڪاڻي، مولوي عبدالرزاق بوبڪائي، مولوي عبدالله سيتائي، مولوي رحمت سيتائي، مولوي عبدالقيوم بختيارپوري، مولوي عبدالرحيم بختيارپوري وغيرہ شامل آهن. هيءَ درسگاھہ پنھنجي دور جي مشھور درسگاهن ۾ شمار ڪئي ويندي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو