درسگاهه چوٽياري

درسگاهه چوٽياري

درسگاھہ چوٽياري

درسگاھہ چوٽياري (ڪتب خانو): ’درسگاھہ چوٽياريءَ‘ جو ڪتبخانو سنڌ جو انتهائي قديم ڪتبخانو هو. هن وقت کنڊر بنجي قديم آثارن جي صـورت اخـتيـار ڪـري چـڪـو آهي. چوٽيارين جو هيءُ ماڳ سانگهڙ کان 15 مـيـل اوڀـر طــرف نـاري جـي ڪـنڌيءَ آهي. درسگاھہ چوٽياريءَ بابت ڊاڪـٽر نبـي بخـش خان بلوچ لکيو آهي تہ: ”ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ جو تعليمي معيار ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ ڪنهن بہ طرح پوئتي ڪو نہ هو.“ ايلس(Ellis) جي رپورٽ موجب انگريزن جي حملي کان اڳ سنڌ ۾ مقامي تعليمي سلسلو گهڻو وسيع هو. رچرڊ برٽن موجب: ”سيوهڻ، کهڙا، مٽياري، ولهار ۽ چوٽياريون اعلى تعليم جا مکيہ مرڪز هئا ۽ انهن هنڌن تي قائم درسگاهون اڄ جي ڪاليجن جيتري اهميت رکنديون هيون.“ درسگاھہ چوٽياريون (چوٽياريءَ) جو باني ميون محمد مبين ڪيريو هو. هن جون ملاقاتون محمد هاشم ٺٽويءَ ۽ ميين شاھہ عنات رضويءَ سان بہ ٿيون هيون. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي بہ ساڻس خط و ڪتابت رهي هئي. درسگاھہ چوٽياريءَ جو بنياد ميين مُبين 1135-1140ھہ ۾ وڌو هو. هن پنھنجي هٿ اکرن سان کوڙ ناياب علمي ۽ ادبي ڪتاب نقل ڪيا، جيڪي تمام سهڻن هٿ اکرن ۾ لکيل ملن ٿا. هن درسگاھہ ۾ ڪتابن جو وڏو تعداد موجود هو ۽ چوٽياري درسگاھہ ۾ پڙهندڙن اڳتي هلي علم ۽ ادب ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو. هن درسگاھہ جي استادن جو وڏو تعداد بہ هن ئي درسگاھہ مان پڙهيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو