مولانا ظهورالحسن درس

مولانا ظهورالحسن درس

درس ظهورالحسن مولانا

درس، ظهورالحسن، مولانا: نامور خطيب علامہ ظهورالحسن درس ولد علامہ عبدالڪريم 1905ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس ڏاڏي علامہ عبدالله درس ۽ والد شيخ الحديث علامہ عبدالڪريم ڪراچيءَ ۾ ’مدرسہ درسيه‘ نالي 1873ع ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيو، جتان اڄ بہ ڪيترائي ماڻهو علم جو فيض حاصل ڪري رهيا آهن. هن ديني تعليم پنھنجي والد کان حاصل ڪئي. ننڍي هوندي کان ئي پاڪ- هند جا لکين مسلمان سندس علم مان فيضياب ٿيا. هن پنھنجي سڄي زندگي ديني خدمتن ۾ گذاري. اعليٰ مقرر، فقھ ۽ حديث جو ڄاڻو هو. وقت جا وڏا بزرگ سندس علمي ڄاڻ کان متاثر ٿيا. هن جوشيلين ۽ انقلابي تقريرن سان سنڌ ۾ آزاديءَ جي لھر پيدا ڪئي ۽ انگريز سرڪار کي ٿرٿلي ۾ وجهي ڇڏيو، نتيجي طور انگريز حڪومت سندس ڪيتري زمين ضبط ڪري ڇڏي. سندس شمار قائداعظم محمد علي جناح جي ويجهن ساٿين ۾ ٿيندو هو. سندس جرئت ۽ بهادريءَ کي ڏسندي قائداعظم محمد علي جناح کيس سنڌ جي ’بھادر يار جنگ‘ جو لقب ڏنو. مسلم ليگ جي وڏن جلسن ۾ علامہ درس جي شموليت کي اهميت حاصل هئي. هن پاڪستان جي قيام لاءِ جدوجھد ڪئي ۽ سختيون برداشت ڪيون. قيام پاڪستان کانپوءِ عيدگاھہ قصابان ڪراچيءَ ۾ پهرين عيدالفطر نماز جي پيش امامت ظھور الحسن درس ڪئي. هيءُ سرڪاري طور عيد نماز جي اجتماع جي امامت ڪندو هو. قائداعظم سميت ٻيا ڪيترائي نامور اڳواڻ ظهورالحسن جي پيش اماميءَ ۾ عيد نماز ادا ڪندا هئا. هو سياسي رهنما سان گڏوگڏ اعليٰ درجي جو اديب ۽ شاعر بہ هو. علامہ درس عربي، فارسي، سنڌي، اردو، انگريزي، بلوچي، سرائڪي، گجراتي ۽ هندي ٻوليءَ جو ڄاڻو هو. هن ڪيترا ڪتاب لکيا، جن ۾ ’پنجتن‘، ’چشمه تطفِ پنجتن‘، ’مسائل رمضان‘، ’شمشير صداقت‘، ’بياض درس‘، ’خون ڪي آنسو‘ ۽ ’تحقيق القفھ امافي کلمھ الحق‘ شامل آهن، جن جا ڪيترا ئي ايڊيشن شايع ٿي چڪا آهن.
هن 14 نومبر 1972ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1972.11.14  عيسوي

مولانا ظھورالحسن درس 14 نومبر 1972ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسٽيو جوبز
هنود
چانڊيو نور احمد
محمد ملوڪ انڙ
سبزل خان
جئسنگهاڻي شنڀو
محمد صادق ڊاڪٽر سيال
ڪشنچند خوبچنداڻي رنجايل
ٿامس هينري ونس
اين ڊي جتوئي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون