درس، عبدالرحيم: ميان عبدالرحيم ولد ميان ولي محمد درس جو جنم، 27 جنوري 1875ع تي ملاڪاتيار ۾ ٿيو. سندس وڏا اصل ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت کان اڳ هڪ ريلا ڍنڍ ضلعي ٿرپارڪر کان لڏي اچي ملاڪاتيار ۾ آباد ٿيا. سندس ڏاڏو محمد قاسمرح غوث بهاءُالحق ذڪريا ملتانيرح جي سلسلي جو فيض يافته ۽ سهروردي طريقي جو بزرگ هو ۽ سندس والد کي امانت لنواري وارن بزرگن کان ملي، جيڪا هن کانپوءِ پنهنجي فرزند ميان عبدالرحيم کي منتقل ڪئي. عبدالرحيم فقھ حديث ۽ تفسير وقت جي عالمن کان پڙهيو. هن نقشبندي طريقي جي تلقين پنهنجي والد ميان ولي محمد کان ورتي. هن فارسيءَ (سڪندرنامي تائين ۽ ڪجهه عربي) جي تعليم ورتي. فقھ حديث ۽ تفسير ۾ چڱي مهارت حاصل هئس. والد جي وفات کانپوءِ هي ننڍي عمر ۾ ان جي مسند تي ويٺو. طريقت جا سبق والد کان ورتائين. هن وٽان ڪيترا ماڻهو فيض يافته ٿي نڪتا، جن ۾ حاجي بشام فقير، مياڻ غلام احمد، سيد مهر شاهه، حاجي ٺارو فقير، حيات حاجي محمد صاحب وغيره قابل ذڪر آهن. هي پنهنجي وقت جو نيڪ دل ۽ صاحب ڪرامت وارو بزرگ ٿي گذريو آهي. هن بزرگ پنهنجي سڄي حياتي الله جي عبادت ۽ تبليغ ڪندي گذاري. سندس گهڻو وقت گوشه نشينيءَ ۾ گذريو. هن بزرگ 14 مارچ 1940ع تي وفات ڪئي. سندس وفات بعد سندس وڏو پٽ محمد اسحاق گادي نشين ٿيو. سندس هزارين مريد ۽ پوئلڳ اڄ به سڄي سنڌ ۾ موجود آهن.
1875.01.27 عيسوي
ميان عبدالرحيم ولد ميان ولي محمد درس جو جنم، 27 جنوري 1875ع تي ملاڪاتيار ۾ ٿيو.
1940.03.14 عيسوي
هن بزرگ 14 مارچ 1940ع تي وفات ڪئي.