
درس، محمد سچل
درس، محمد سچل: مشھور الغوزي نواز محمد سچل درس، جهمپير، ضلعي ٺٽي ۾ 1916ع ڌاري جنم ورتو. هن ننڍيءَ ڄمار يعني 14 سالن جي وهيءَ ۾ الغوزو وڄائڻ شروع ڪيو. جهمپير ۾ هوٽلن يا شادين مرادين ۾ مشھور فنڪارن علي محمد بانسريءَ واري، شاھہ محمد نابينا نڙ واري، اُستاد الھہ بخش الغوزي واري کي فن پيش ڪندي ۽ استاد محمد جمن کي بانسري وڄائيندي ڏسي، محمد سچل کي بہ شوق پيدا ٿيو ۽ الھہ بخش جاکري کي اُستاد ڪري، ان کان بينن/ الغوزي جون بنيادي ڳالهيون، لهرا ۽ ڌُنون سکيو ۽ ٽنڊي الهيار مان 14 آنن ۾ الغوزو وٺي وڄائڻ لڳو. 32-1931ع ڌاري مقامي طرح سمورا لهرا وڄائي ويندو هو.
هن ورهاڱي کان اڳ ريوا مل کان هارمونيم وڄائڻ جي بہ سکيا ورتي ۽ جڏهن ريوا مل ورهاڱي وقت ڀارت لڏي ويو تہ اهو هارمونيم سچل درس کي ڏئي ويو. هن ڪجهہ وقت لاءِ، بي قدري ڏسي الغوزو وڄائڻ ڇڏي ڏنو، پر جڏهن ريڊيو پاڪستان تان مصري خان جمالي ۽ خميسي خان کي الغوزو وڄائيندي ٻُڌائين تہ هڪ ڀيرو وري الغوزو وڄائڻ شروع ڪيائين. ان وچ ۾ راڳ ۽ راڳڻين جي سمجهہ بہ حاصل ڪري ورتائين. جڏهن محمد سچل جي استاد الغوزو وڄائڻ ڇڏي ڏنو تہ هن ٽنڊي الهيار مان نئين قسم جون بينون 150 روپين ۾ ورتيون. ابتدا ۾ جهمپير جي استاد راڳي الهڏني کوکر (استاد مير محمد خان جي شاگرد) ۽ ڍولڪ نواز جان محمد مڱڻهار سان گڏ لئہ ۽ تال جي سنگت ڪندو هو، پوءِ گڏجي پنهنجو جوڙ ٺاهيائون، جنهن ۾ الهڏني کوکر ۽ جان محمد سان گڏ الھبچايو لاسي (گهڙي وارو) ۽ فقيرو کوکر (بينجو نواز) بہ شامل هوندا هئا. ائين هنن ڪيترا پروگرام ڪيا ۽ شادين مرادين ۾ بہ خوب ڳايو. محمد سچل درس الغوزي تي يمن ڪلياڻ، پوريا ڌناسري، ميان جي ٽوڙي، مغلائي، مالڪوس، ڀيروي، پهاڙي، تلنگ، ڪاموڏ، ميگهہ ۽ ٻين سُرن وڄائڻ ۾ وڏي مهارت رکندو هو.
هن پي. ٽي. وي تي سڀ کان اڳ ’سنڌ سينگار‘ پروگرام ۾ حصو ورتو ۽ سندس آڊيشن مشھور براڊڪاسٽر عبدالڪريم بلوچ ورتي. ان بعد هو ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي آڊيشن لاءِ ويو، جتي خواجہ امداد عليءَ سندس ۽ بچل ڍولڪ واري جي گڏيل آڊيشن ورتي ۽ ائين استاد محمد سچل پي. ٽي. وي ۽ ريڊيو جو مقبول الغوزي نواز بنجي ويو. هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي بہ ڪيترائي پروگرام ڪيا.
ڪجهہ سال اڳ استاد محمد سچل درس تي فالج جو حملو ٿيو هو، ان ڪري سندس ريڊيو تي پروگرام بہ بند ٿي ويا. پوءِ بہ حال سارو شادين مرادين ۾ وڄائيندو رهندو هو.
استاد محمد سچل درس کي مغلائي، چنچل، ڌاڌري، تين تال ۽ ڪلواڙي تي ڪمال حاصل هو.