درس ميد (مزار): هي سومرا دؤر جو ماڳ آهي، جيڪو چِيل بند، تعلقي ڪنري، ضلعي عمرڪوٽ ۾ واقع آهي. چِيل بند جي ڏکڻ طرف ڍڍري جي ڳوٺ کان ميل کن ڏکڻ اولھہ طرف هڪ شاخ جي ساڄي ڪناري تي گهاٽي جهنگ ۾ درس ميد جو قبرستان آهي. مقام جي پوري وچ تي درس ميد جي مزار آهي. جنهن جي سيراندي کان ڀوري پٿر جي ننڍڙن پيرن واري هڪ صندلي رکيل آهي، جنهن کي درس ميد جي ڪرسي چوندا آهن، ان ڪرسيءَ تي ’پالي خط‘ جھڙا ڪي اکر اڪريل آهن. روايت آهي تہ هتي شاھہ عبداللطيف ڀٽائي مختصر چلو ڪڍيو هو.