دروت لڪ: لڪي جبل جي ڏکڻ ۽ بڊي جبل جي اولھہ وارين ڇاڙهن مان ڦٽي وهندڙ نئن بارڻ ڏکڻ طرف وهي ٿي، جنهن ۾ اوٿان وٽ سُڪ نئن هن سان اچي ملي ٿي ۽ ان جڳھہ تي نئن اوڀر ڏکڻ طرف وهڻ شروع ڪندي آهي. هتي لڪي جبل ختم ۽ سورجاڻي جبل شروع ٿئي ٿو. جنهن هنڌ تان سورجاڻو جبل ڪجهہ مڙي ڏکڻ اولھہ طرف ٿئي ٿو، اتي موجود لڪ کي دروت لڪ سڏيو ويندو آهي. هن لڪ جي ڪجهہ ڀاڱي مان نئن باراڻ وهندي آهي. هن لڪ ڀرسان ٻيو بہ هڪ ننڍڙو لڪ آهي، جنهن کي دائو لڪ سڏيو وڃي ٿو ۽ دائو ۽ دروت وٽ ڪجهہ بندن (Dams) تعمير ڪرڻ جو پروگرام رٿيل آهي، پر هن وقت هيءَ رٿا سردخاني جي ور چڙهي وئي آهي.