درويش آلو: درويش آلوءَ بابت تحفته الڪرام جو ليکڪ مير علي شير قانع ٺٽويءَ لکي ٿو تہ: ”درويش آلو هڪ مجذوب ۽ عارف بالله هو. هو اصل هندستان جو رهاڪو هو، پر سنڌ ۾ اچي نڪتو. هي ماٺ ڪريو پيو گهٽين ۾ گهمندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪو اهڙو حرف چوندو هو، جيڪو سمجهہ ۾ ايندو هو. درويش آلو جهنگ ۾ وڃي ڪاٺيون ڪندو هو ۽ ڪاٺين ۽ ڪانن جون ڀريون آڻي ضرورتمند ماڻهن کي ڏيندو هو. کيس ڪشف ۽ ڪرامت جو صاحب سمجهيو ويندو هو.“ سندس مزار ساڱري درياھہ جي ڪناري تي ضلعي ٺٽي ۾ آهي. هن درويش جي ولادت ۽ وفات جي سنن بابت ڪا بہ خبر نہ آهي.