درويش اسحاق

درويش اسحاق: درويش اسحاق ڏهين صدي هجري/ سورهين صدي عيسويءَ جو ٺٽي جو نامور سخي ۽ خدا جي خاص بندو ٿي گذريو آهي. تحفته الطاهرين ۾ شيخ محمداعظم ڄاڻائي ٿو تہ: درويش اسحاق، حال ۽ ڪرامت جو صاحب هو. وٽس جيڪي ڪجهہ بہ هوندو هو، سو جي نالي ڏيڻ ۾ دير نہ ڪندو هو. ايتري قدر جو پنهنجو کاڌو پيتو ۽ مال غريبن ۽ مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو، پر ڪڏهن بہ پنھنجي در تان ڪنهن ضرورتمند کي خالي واپس نہ موڪليندو هو. هن سخاوت ۾ پنهنجو نالو ڪڍيو. اڪثر روزا رکندو هو ۽ رات جو عبادت ڪندو هو. درويش اسحاق فجر نماز وقت سجدي ۾ وفات ڪئي. سندس مزار مڪليءَ جي ٽڪري تي آهي.


لفظ درويش اسحاقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو