درويش الياس: درويش الياس خواجہ محمد زمان لنواريءَ واري جو مريد هو ۽ ان جي وفات کان پوءِ هي خواجہ گل محمد ۽ خواجہ محمد زمان ثانيءَ جي صحبت ۾ رهيو. آخري عمر ۾ جسماني طور صفا ڪمزور ٿي ويو ۽ اکين جي روشنائي بہ گهٽ ٿي وئي هئس. درويش الياس جي شخصيت رعبدار هوندي هئي، درويش جي سامهون ڪو بہ شخص گفتگو ڪري نہ سگهندو هو. حڪيم مير نور علي لکويءَ لکيو آهي تہ: ”هڪ ڏينهن خواجہ محمد زمان ثاني درويش الياس کي ڏسي ٽي دفعا سبحان ﷲ چيو. مون پڇيو سائين هيءَ ڪهڙي ماجرا آهي تہ خواجہ محمد زمان ثانيءَ فرمايو تہ: هن جي تعريف خدا جي مرضي موجب ٿئي پئي، آءٌ بيوس آهيان:
ڪرامتها ست اندر پردہ غيب،
نگه ڪن تا ڪرار يزند درجيب.
درويش الياس جي وفات 1232ھہ/ 1816ع ڌاري ٿي. سندس مقبرو پليجن جي قبرستان، ضلعي ٺٽي ۾ اتر طرف آهي.