درويش بابو سنڌي: درويش بابو سنڌيءَ جو تعلق ’برهانپور‘ شھر سان آهي. تذڪره ’گلزار ابرار‘ جو مصنف لکي ٿو تہ: ”درويش بابو، برهانپور جي سنڌي محلي ۾ هڪ هجري ۾ عبادت ڪندو هو، اتفاق سان ان حجري جي ٻن پاسن کان ديوار ٽُٽي پئي. درويش ارادو ڪيو تہ ان جي مرمت ڪرائي وڃي، ان لاءِ هن استخارو ڪڍيو، جنهن ۾ هي شعر لکجي آيو:
گلخن ست از جملھء دنيائ دون، قمر تو چندست ازين گلخن کنون،
قصـر تـو گـر خـلـد جنت آمدست، با اجل زندان محنت آمدست،
گر نبودي مرگ رابـر خـلـق دست، لائـق افـتـادي درون منزل نـشـت.
شعرن جو مطلب هن ريت آهي تہ ڪهڙو توکي هن دنيا ۾ هميشہ لاءِ رهڻو آهي، جيڪا دنيا مٽيءَ سان ٺھي آهي، ڪهڙيون ويهي ماڙيون اڏائيندين، جڏهن تہ توکي بھشت ۾ ماڙي ملڻ واري آهي، جيڪڏهن موت نہ هجي ها تہ پوءِ هن دنيا ۾ ماڙي ٺاهي ويهڻ ٺيڪ هجي ها.
تنهن بعد هن بزرگ ديوار ٺاهڻ کان انڪار ڪيو . اهو واقعو 1003ھہ ڌاري جو آهي. هي بزرگ اُن حجري ۾ ئي 1015ھہ ڌاري وفات ڪري ويو.