درويش بابو سنڌي

درويش بابو سنڌي: درويش بابو سنڌيءَ جو تعلق ’برهانپور‘ شهر سان آهي. تذڪره ’گلزار ابرار‘ جو مصنف لکي ٿو ته: ”درويش بابو، برهانپور جي سنڌي محلي ۾ هڪ هجري ۾ عبادت ڪندو هو، اتفاق سان ان حجري جي ٻن پاسن کان ديوار ٽُٽي پئي. درويش ارادو ڪيو ته ان جي مرمت ڪرائي وڃي، ان لاءِ هن استخارو ڪڍيو، جنهن ۾ هي شعر لکجي آيو:
گلخن ست از جملھء دنيائ دون، قمر تو چندست ازين گلخن کنون،
قصـر تـو گـر خـلـد جنت آمدست، با اجل زندان محنت آمدست،
گر نبودي مرگ رابـر خـلـق دست، لائـق افـتـادي درون منزل نـشـت.
شعرن جو مطلب هن ريت آهي ته ڪهڙو توکي هن دنيا ۾ هميشه لاءِ رهڻو آهي، جيڪا دنيا مٽيءَ سان ٺهي آهي، ڪهڙيون ويهي ماڙيون اڏائيندين، جڏهن ته توکي بهشت ۾ ماڙي ملڻ واري آهي، جيڪڏهن موت نه هجي ها ته پوءِ هن دنيا ۾ ماڙي ٺاهي ويهڻ ٺيڪ هجي ها.
تنهن بعد هن بزرگ ديوار ٺاهڻ کان انڪار ڪيو . اهو واقعو 1003هه ڌاري جو آهي. هي بزرگ اُن حجري ۾ ئي 1015هه ڌاري وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو