درويش حاجي عبداللطيف شاھہ قادري: هيءُ درويش ۽ بزرگ حضرت شاھہ فقير ﷲ علويءَ جو دوست ۽ همعصر هو. روايت آهي تہ جڏهن شاھہ ﷲ علوي'>فقير ﷲ علوي شڪارپور ۾ سڪونت پذير ٿيو، تڏهن شھر جي ٻاهران لکي در جي ڏکڻ ۾ هڪ خانقاھہ جو بنياد رکيائين ۽ ان سان گڏ هڪ مسجد بہ جوڙايائين، جيڪا پوءِ اڳتي هلي حاجي فقير ﷲ علويءَ جي لکيدر واري مسجد مشھور ٿي. شھر ۾ قيام کانپوءِ حاجي فقير ﷲ جي مرضي هئي تہ کيس وفات بعد ان مسجد ۾ دفن ڪيو وڃي. سندس هڪ پيارو ۽ هم مشرب دوست حاجي عبداللطيف شاھہ قادري وٽس مهمان اچي ٿيو ۽ بيمار ٿي گذاري ويو. حاجي فقير ﷲ شاھہ علويءَ پنھنجي وصيت ڪيل جاءِ تي پنھنجي دوست کي دفن ڪرايو. حاجي لطيف شاھہ نهايت نيڪ، زاهد، عابد، ذاڪر ۽ فيض جي کاڻ هو. حاجي لطيف شاھہ جي نالي سان شڪارپور ۾ هڪ ڪالوني ۽ مسجد بہ مشھور آهي.