درويش دائود 1: مشھور بزرگ دائود درويش، سنڌوءَ جي الهندي شاخ بگهاڙ واھہ جي ساڄي ڪپ تي ٺٽي کان ٽي ميل ڏکڻ ڪلان ڪوٽ ۾ رهندو هو. پاڻ وڏو بزرگ هو، سندس ڪيترائي مريد هوندا هئا. هو هميشہ دنياداريءَ جي معاملن کان پري پنھنجي مستيءَ ۾ رهندو هو. ڪلان ڪوٽ ڀرسان هڪ پاڻيءَ جو تلاءُ هوندو هو، جيڪو انهيءَ درويش جي نالي سان سڏبو هو. روايت آهي تہ انهي تلاءَ ۾ هو پنھنجي دوستن ۽ مريدن سان راند ڪندو هو. هڪڙو پاڻي ۾ ڀڄندو هو تہ ٻيا ان کي تري جهلندا هئا. اها بہ روايت آهي تہ فقير جنهن کي جهليندو هو، ان کي پاڻي ۾ ٽٻيون ڏياري ٻوڙيندو هو ۽ اهو ماڻهو معرفت ۽ حقيقت وارو ٿي ويندو هو.
هي بزرگ سيد مراد شاھہ شيرازيءَ جو همعصر هو. کيس وفات بعد ان تلاءُ ڀرسان دفن ڪيو ويو. مقامي ماڻهو مزار جي سار سنڀال لھن ٿا. برسات جي موسم ۾ سندس مزار تي ميلو لڳندو آهي.