درويش دائود 2

درويش دائود 2: اگهم ڪوٽ جو درويش دائود ڪامل ولي ۽ پرهيزگار هو. ’تحفة الڪرام‘ ۾ ميـر عـلـي شـيـر قانـع ٺٽوي ڄاڻائي ٿو ته، درويـش دائود، ناليواري بزرگ مخدوم اسماعيل جو همعصر هو. هن هڪ مدرسو ٺهرايو، جنهن ۾ تعليم ڏيندو هو. مدرسي ۾ روزانو اٽڪل 500 ماڻهو قرآن پاڪ جي تعليم حاصل ڪندا هئا، جن جي خوراڪ ۽ پوشاڪ جو انتظام درويش دائود خود ڪندو هو. ميرزا باقي بيگ ترخان بخيل هجڻ باوجود سندس احترام ڪندو هو ۽ کيس هڪ جاگير بہ عطا ڪيائين، هيڏو سڀ ڪجهہ هئڻ باوجود پاڻ هميشہ جَوَنِ جي ماني ۽ لوڻ سان افطار ڪندو هو ۽ پنھنجي زمينن جي پيدائش مسڪينن ۽ محتاجن تي خرچ ڪندو هو. اگهم ڪوٽ ۾ رهندڙ درويش دائود، ميرزا جاني بيگ ترخان جي دؤر ۾ ئي 1008ھہ/ 1599ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو