درويش راڄو ستيو دل

درويش راڄو ستيو دل: درويش راڄو ستيو دل، سمن ۽ ارغونن جي دؤر جو نامور شاعر ۽ قاضي قاضن جو همعصر هو. هي درويش، راڻي ڳوٺ جو هڪ مجذوب مطلق ۽ واصل باالله شخص هو. نامور محقق پير حسام الدين راشدي ’ڳالهيون ڳوٺن وڻن جون‘ ۾ لکي ٿو ته، ”سندس زبان ڪپيندڙ ترار هئي، جيڪي چوندو هو، سو ٿيندو هو. کيس جڏهن ڪو معاملو پيش ايندو هو. ان وقت اُٿي بيهي، ڏاڍي سُر سوز سان ڪو سنڌي بيت پڙهندو هو.“
مير علي شير قانع ٺٽويءَ هن بزرگ جي وفات جو سال 977هه 1569ع ڄاڻايو آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته هي بزرگ به ڏهين صديءَ جو هو ۽ سندس تعلق قاضي قاضن جي دؤر سان آهي. سندس شعر ايترو ته وڻندڙ ۽ روح کي راحت ڏيندڙ هو، جو نه فقط سالڪن جي زبان تي هوندو هو، پر مجذوبن جي زبان مان بي اختيار اچي ويندو.


لفظ درويش راڄو ستيو دلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو