درويش سلطان ابراهيم شاھہ

درويش سلطان ابراهيم شاھہ: هيءُ خدا رسيدہ بزرگ شڪارپور جو رهاڪو هو، هن بزرگ جي چوڻ تي دائود پوٽن شڪارپور جو بنياد رکيو هو. لکيءَ جا مھر سندس مريد هئا ۽ دائودپوٽا بہ سندس ڪافي احترام ڪندا هئا. روايت آهي تہ جڏهن مهرن ۽ دائود پوٽن جي وچ ۾ جنگ لڳي تہ هن بزرگ درويش ٻنهي قبيلن ۾ ٺاھہ ڪرائڻ گهريو، پر مهرن نہ مڃيو، جنهن کان پوءِ ٻنهي ڌرين ۾ لڙائي لڳي، جيڪا دائودپوٽن کٽي. مهرن جي شڪست کان پوءِ هن درويش هڪ مقام تي بيهي فرمايو تہ: ”هتي هڪ شھر آباد ٿيڻ کپي، جنهن کي شڪارپور جي نالي سان سڏجي.“ اهڙي طرح پير سلطان ابراهيم شاھہ جي دعائن سان شڪارپور شھر جو بنياد رکيو ويو. ڪئپٽن گولڊ سمڊ پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو تہ: ”مهرن جي شڪست کانپوءِ پير سلطان ابراهيم شاھہ وفات ڪري ويو، سندس هڪ مريد خواب ۾ ڏٺو تہ پير صاحب هڪ کوھہ مان رسي ۽ ڏول کانسواءِ پاڻي ڪڍي رهيو آهي. پوءِ مريدن کي اشارو ڪندي چيائين تہ مان ۽ منهنجو دوست خضر عليہ السلام هن جاءِ تي هڪ شھر شڪارپور جي نالي سان آباد ڪرڻ گهرون ٿا، جيڪو اڳتي هلي هڪ وڏو شھر بڻجي ويندو. دائودپوٽن ان خواب کي عملي جامو پهرايو. سلطان ابراهيم شاھہ جي مزار لکيءَ جي ڀرسان وزيرآباد ڳوٺ ۾ آهي.




هن صفحي کي شيئر ڪريو