درويش شاھہ

درويش شاھہ: تحفة الطاهرين ۾ شيخ محمد اعظم ڄاڻائي ٿو تہ: ”شاھہ درويش وڏو بزرگ پرهيزگار، صاحب ڪرامت ۽ ولي هو. هي اصل ۾ هندستان مان لڏي اچي ٺٽي شھر ۾ رهائش پذير ٿيو. مڪليءَ تي جنهن هنڌ دفن ٿيل آهي. اتي هميشہ ويٺو خدا جي عبادت ۽ ذڪر ڪندو هو. جڏهن بہ ڪو سوالي ايندو هو تہ ترت جواب ڏيندو هو. سندس ڪرامتون گهڻيون مشھور آهن. معرفت ۽ يقين جو صاحب هو. هي ڏهين صدي هجريءَ/ سورهين صدي عيسويءَ ۾ ٺٽي ۾ آيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.“


لفظ درويش شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو