درويش عيسيٰ دشتي

درويش عيسيٰ دشتي: ’تذڪره مشاهير سنڌ‘ ۾ مولانا دين محمد وفائي ڄاڻائي ٿو تہ: درويش عيسيٰ دشتي خواجہ محمد زمان لنواريءَ واري جو مريد ۽ صاحب معرفت خليفو هو. شروع ۾ اٺ چاريندو هو ۽ پنھنجي مرشد جي خدمت ڪندو رهندو هو. هڪ ڏينهن مٿس اهڙي حالت طاري ٿي، جو اٺ الائي ڪيڏانهن ويندا رهيا ۽ هي هڪ وڻ هيٺ استغراق جي حالت ۾ ويٺو رهيو. اها ڪيفيت مٿس وڏو عرصو جاري رهي. ان ڪيفيت مان نڪرڻ کان پوءِ هن خواجہ گل محمد ۽ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ سان ملاقاتون ڪيون. خواجہ محمد زمان ثانيءَ جي صحبت ۾ ڪافي عرصو رهيو. سيد مير نور علي لکنوي بہ درويش عيسيٰ جي تعريف ڪندو هو. هن بزرگ سفر جي حالت ۾ 1243ھہ/ 1827ع ۾ وفات ڪئي ۽ اتي ئي مدفون ٿيو. ان کان پوءِ فقير سڌا توري سندس مڙھہ کي ڪڍرائي اچي لنواريءَ ۾ دفن ڪرايو.


لفظ درويش عيسيٰ دشتيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو