
دروڻاچاريه
دروڻاچاريه: دروڻاچاريه، شري ڪرشن جي دؤر جو هڪ وڏو رشي ٿي گذريو آهي. ان دؤر ۾ ڌرمي، اخلاقي، جنگي فن ۽ راڄنيتيءَ جي لحاظ کان هن جهڙو ڄاڻو ۽ ڪامل شخص ڪو بہ نہ هو. کيس اها ميراث گُرُو پرسرام کان ملي هئي. هي ڪوروَن ۽ پانڊون جو تيراندازيءَ ۾ اُستاد ۽ سندن ڪُل جو راج گُرُو هو.
روايت آهي تہ رشي دروڻاچاريه 9000 ق. م ڌاري ’ڀردواج‘ نالي هڪ برهمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ ۾ پاٺشالا مان ڌرمي تعليم، جنگي فن ۽ ٻيو علم سکيائين. شاگرديءَ واري دؤر ۾ سندس ملاقات پانچال جي هڪ شھزادي دروپد سان ٿي، جيڪو بعد ۾ پانچال جو مهاراجا بنيو، هُو (دروپد) دروپديءَ جو پيءُ هو، جيڪا اڳتي هلي پانڊوَن جي پَتني بڻي هئي.
ننڍپڻ ۾ دروڻاچاريا ۽ راجا دروپد پاڻ ۾ گهاٽا دوست هئا، هڪ ڏينهن راند کيڏندي کيس دروپد چيو تہ تون منهنجو تمام سٺو دوست آهين، تنهنڪري آءٌ توکي پنهنجو اڌ راڄ ۽ ڀاڳ ڏيندس. وديا (تعليم ۽ تربيت) جا ڏينهن پورا ٿيڻ کان پوءِ هرڪو پنھنجي پنھنجي گهر ويو ۽ زندگي گذارڻ لڳو. دروڻاچاريه جي سڃاڻپ علم ۽ فن ۾ ڪامل شخص طور ٿي، جڏهن تہ دروپد، پانچال ديس جو راجا ٿيو.
دروڻاچاريه جي ابتدائي زندگي مفلسيءَ ۽ غربت ۾ گذري، تنهنڪري گذرمعاش لاءِ هيڏانهن هوڏانهن گهمندو رهندو هو. دروپد راجائي سُک ۽ دروڻاچاريه معاشي تنگدستيءَ جي ڪري هڪٻئي کي وساري ويٺا هئا. آخرڪار هڪ ڏينهن دروڻاچاريه، دروپد سان ملڻ پانچال ديس ويو، جنهن کيس سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ان تي دروڻاچاريه کي ڏاڍو گهڻو افسوس ٿيو. هن کيس پراڻي دوست هئڻ ۽ سندس وچن موجب راڄ ڀاڳ جي اڌ ڏيڻ وارو واعدو ياد ڏياريو. اُن تي دروپد کيس چيو تہ دوستيءَ وارو رشتو هميشہ برادريءَ وارن ۾ ٿئي ٿو. ننڍپڻ جي ڳالھہ ٻي آهي، اُن عمر ۾ اسين پنھنجي زندگيءَ جو فيصلو بہ پاڻ نٿا ڪري سگهون. هاڻي آءٌ راجا ۽ تون هڪ گهٽ حيثيت وارو برهمڻ آهين. ان ڪري اسان ٻنهيءَ جي دوستي نٿي جڳائي، پر ان هوندي بہ آءٌ تو کي دان ۾ ڪجهہ ڏئي سگهان ٿو. راجا دروپد جي ان رويي تي دروڻاچاريه کي تمام گهڻي مايوسي ٿي ۽ کانئس بدلي وٺڻ جو سوچڻ لڳو.
هڪ ڏينهن دروڻاچاريه مفلسيءَ جي زندگيءَ کان تنگ ٿي هستناپور جي راجا ڌرتراشٽر کان گروشالا ۽ ودياله (علمي درسگاھہ) کولڻ لاءِ مدد حاصل ڪرڻ لاءِ نڪتو. هو رستي تي باغ مان پئي گذريو تہ اُتي ننڍڙا ٻارَ راند ڪري رهيا هئا، جيڪي ڪورَو ۽ پانڊوَ هئا. اتفاق سان راند ڪندي سندن بال (ڏَڙو) کُوھہ ۾ ڪِري پيو هو. ٻارڙا کوھہ جي چوڌاري پريشان بيٺل هئا. دروڻاچاريه ٻارن کان ماجرا معلوم ڪئي، ان بعد دروڻاچاريه سَر جا تِکا ڪانا کڻي، هڪ ڪانو کوھہ ۾ پيل بال ۾ کُپائي، پوءِ هڪٻئي ۾ ڪانَ کُپائيندو ويو، ائين ڪافي ڪانَ ٽُنبي، هڪ لَڙھہ ٺاهي، بال ٻارن کي ڪڍي ڏنائين. ٻارن جي خوشيءَ جي ڪا حد نہ رهي. ٻارن ڊوڙي وڃي اُها حقيقت ڀيشم پتامَھہ کي ٻُڌائي، جنهن پهرئين ڌڪ ۾ سُڃاڻي ورتو تہ اهڙو ماهر شخص صرف دروڻاچاريه ئي ٿي سگهي ٿو. پوءِ ٻارن کان ڏَس پَتو پُڇي هُو دروڻاچاريه وٽ آيو ۽ سندس سُٺي خاطرداري ڪري کيس ٻارن جي گُرُو ٿيڻ جي آڇ ڪيائين، اها آڇ دروڻاچاريه خوشيءَ سان قبول ڪئي. اهڙيءَ ريت دروڻاچاريه، پانڊوَن ۽ ڪوروَن جو گرُو بنيو. دروڻاچاريه کي شاگردن مان ارجڻ وڌيڪ ويجهو هو. هوشيار، ذهين ۽ پيارو شاگرد هو.
ڪوروَن ۽ پانڊوَن جي سکيا مڪمل ٿيڻ کان پوءِ کين حڪم ڪيائين تہ پانچال جي راجا دروپد کي زنجيرن ۾ ٻَڌي، باندي بڻائي سندس آڏو پيش ڪيو وڃي. پهرين تہ ڪوروَ انهيءَ ڪم لاءِ ويا، پر پانچال جي فوج کان شڪست کائي موٽيا، بعد ۾ پنج ڀائر پانڊوَ سموري فوج تي غالب پئجي ويا ۽ پانچال جي راجا دروپد کي باندي بنائي ارجڻ پنھنجي گروءَ جي اڳيان اچي پيش ڪيو. رشي دروڻاچاريه کيس معاف ڪري سمورو راڄ ڀاڳ کيس موٽائي ڏنو. ان تي ويتر راجا دروپد کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هُن رشيءَ کان بدلو وٺڻ جو وچن ڪيو.
ڪوروَ پانڊوَ تڪرار ۾ دروڻاچاريه راجا وٽ پانڊوَن جو حمايتي رهيو، پر ڳالھہ نہ نبرڻ جي صورت ۾ هي حڪومت جو ملازم هئڻ سبب ڪوروَن جي طرف کان مهاڀارت جي جنگ ۾ ڪوروَن جي فوج جو سپھہ سالار بڻجي وڙهيو. هو وڏو ڄاڻو شخص هو، اُن هوندي بہ پانڊوَ، ڪوروَن کان جنگ نٿي کٽي سگهيا. تنهنڪري شري ڪرشن جي چوڻ تي پانڊوَن ڊوھہ ڪيو ۽ راجا دروپد جي پُٽ ڌرشٽڌيمن پيءُ جي بدلي وٺڻ لاءِ رشي دروڻاچاريا جو اُن وقت سِر قلم ڪيو، جنهن وقت رُشي پنھنجي پُٽ اشوٿاما جي مرڻ جو ڪوڙو افواھہ ٻُڌي، ڏُک وچان ڌيان ۾ ويٺو هو.
رشي دروڻاچاريه، رشي ڪِرپا چاريه جي ڀيڻ ڪرپئيءَ سان شادي ڪئي هئي. ڪرپئيءَ کي رشيءَ سان تمام گهڻو پيار هو، جيڪا پڻ هستناپور جي شهزادين جي گروماتا هئي. ان مان کيس اشوٿاما نالي پُٽ ڄائو هو، جيڪو پڻ پنھنجي پيءُ وانگر علم ۽ جنگي فن ۾ ماهر هو ۽ ڪوروَن طرفان جنگ ۾ وڙهيو هو.