درياءِ نور

درياءِ نور

درياءِ نور

درياءِ نور: درياءِ نور هڪ هيرو آهي. مغل بادشاھہ شاھہ جھان جي ٺهرايل مھر جي شڪل جهڙي تاج ۾ ٻہ انمول هيرا ڪوھہ نور ۽ درياءِ نور مڙهيل هئا. جڏهن نادر شاھہ دهليءَ تي حملو ڪيو تہ دهلي سلطنت جي سموري دولت لٽڻ کان سواءِ تخت طاؤس بہ پاڻ سان گڏ کڻائي ويو. نادر شاھہ کي دهليءَ مان ڪوھہ نور، تاج ماھہ ۽ درياءِ نور جھڙا هيرا مليا، جيڪي هن تخت طاؤس مان ڪڍرائي پاڻ وٽ رکيا. جڏهن نادر شاھہ قتل ٿيو تہ اهي ٽئي ناياب هيرا سندس پوٽي شاھہ رخ کي مليا، پر جڏهن احمد شاھہ درانيءَ مشهد تي قبضو ڪيو تہ ڪوھہ نور هيرو پاڻ کنيائين ۽ باقي ٻہ هيرا درياءِ نور ۽ تاج ماھہ، محمد حسين خان قاچار جي حوالي ڪيائين. درياءِ نور هيرو پهرين ڪريم خان رند وٽ رهيو، پوءِ لطف علي خان جي قبضي ۾ آيو، ان کان پوءِ محمد علي قاچار کانئس ڦريو. محمد علي شاھہ قاچار جڏهن ايران مان ڀڄي وڃي روس ۾ پناھہ ورتي تہ درياءِ نور کي پنھنجي ذاتي ملڪيت ڄاڻايائين، پر جيئن تہ اهو ايران جي سلطنت جي امانت هئي، ان ڪري اهو ايران کي واپس مليو ۽ اڄ تائين اتي ئي موجود آهي.


لفظ درياءِ نورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو