درياهي بادشاھہ جو ميلو: درياهي بادشاھہ جو ساليانو ميلو 25، 26 ۽ 27 رجب تي ڳوٺ تڪيي جيوڻ شاھہ، تعلقي حيدرآباد ۾ جهڻ موريءَ ڀرسان روڊ تي وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ هر قسم جا ناٽڪ، سرڪس، ڀلن ڍڳن ۽ گهوڙن جي ڊوڙ جا انعامي مقابلا ٿيندا آهن. ملاکڙي ۾ اتر ۽ لاڙ جي نامور پهلوانن ۾ ملھہ جو مقابلو ٿيندو آهي. ميلي ۾ راڳ رنگ جي محفل بہ رچائي ويندي آهي، جنهن ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي جا نامور فنڪار پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. ميلي ۾ ايندڙ هزارن جي تعداد ۾ مريدن ۽ عقيدتمندن لاءِ لنگر جو انتظام بہ هوندو آهي. هن ميلي ۾ چوپائي مال جو واپار بہ ٿيندو آهي.